چونڊڪو شهر ۾ مبينا اغوا، تشدد ۽ وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ واري واقعي جي متاثر نوجوان عاشق چانڊيو اعليٰ اختيارين کان انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
عاشق چانڊيو موجب کيس رات جي وقت مبينا طور اغوا ڪري بکر شاهه روڊ طرف وٺي وڃڻ بعد بدسلوڪي ۽ تشدد ڪيو ويو. سندس الزام آهي ته مبينا طور ملوث ماڻهن کيس بليڪ ميل ڪرڻ جي مقصد سان وڊيو پڻ ٺاهي، جنهن بعد کيس رات دير سان روڊ تي ڇڏي فرار ٿي ويا.
متاثر نوجوان جو چوڻ آهي ته واقعي جي مبينا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ کيس ۽ سندس خاندان کي سخت ذهني اذيت، خوف ۽ بدنامي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته خاندان کي مبينا طور سنگين نتيجن جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن.
عاشق چانڊيو مطالبو ڪيو آهي ته کيس ۽ سندس خاندان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي، واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي ۽ مبينا طور ملوث سمورن ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.
متاثر نوجوان چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان فوري نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
