ڪوئيٽا/پشاور: سيڪيورٽي ذريعن موجب خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ڌار ڌار انٽيليجنس بنياد تي ڪيل آپريشنز دوران 11 ڀارتي اسپانسرشپ رکندڙ دهشتگرد مارجي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب آپريشنز ڏکڻ وزيرستان، بنو ۽ بلوچستان جي ضلعي خضدار جي ساسول واري علائقي ۾ ڪيا ويا.
بنو ۾ انٽيليجنس اطلاع تي ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو. آپريشن دوران ڌماڪيدار مواد سان ڀريل دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي به تباهه ڪيو ويو.
ڏکڻ وزيرستان جي علائقي لڌا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا. ذريعن موجب دهشتگردن جي حرڪت جي بروقت نشاندهي ڪري علائقو گهيري ۾ آڻي ڪارروائي ڪئي وئي.
خضدار جي ساسول واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران وڌيڪ 4 دهشتگرد مارجي ويا. ذريعن موجب ڪوڊ ڪاپٽرز جي مدد سان دهشتگردن کي نشانو بڻايو ويو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشنز دوران شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويا، جڏهن ته مقامي آبادي کي ڪنهن به نقصان کان بچايو ويو.
ذريعن موجب ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين حڪومت جي „عزمِ استحڪام“ تحت سيڪيورٽي آپريشنز جاري رهندا.
