ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته جڏهن ڪراچي وارن پيپلز پارٽي کي موقعو ڏنو ته هاڻي ڏسو ته ڪم ٿي رهيو آهي۔
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ بلاول ڀٽو جي سياسي جماعت ڪراچي لاءِ هڪ وڏو پيڪيج آڻي رهي آهي، ڪي ايم سي ۽ سنڌ حڪومت ڪم ڪري رهيا آهن، ٽائونز به ساڳئي نموني اسان جي مدد ڪن۔
هن چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪا به ٺاهه نه ڪئي ويندي، عوامي مسئلن کي نظر ۾ رکندي تعميراتي ڪم مرحليوار مڪمل ڪيا پيا وڃن۔
مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته شهر جي سڀني اهم شاهراهن کي مرحليوار بهتر بڻايو ويندو، جهانگير روڊ جي تعمير سان ٽريفڪ جي رواني ۽ شهري سهولتن ۾ بهتري ايندي، جهانگير روڊ جي بحالي ڪراچي جي مجموعي ترقياتي حڪمت عملي جو حصو آهي۔
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي وارن پيپلز پارٽي کي موقعو ڏنو ته ڏسو شهر ۾ ڏينهن رات ڪم ٿي رهيو آهي، مختلف منصوبن کي ٻيهر بحال ڪيو پيو وڃي۔
