اسلام آباد: پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (PIMS) اسپتال انتظاميا نرسري ۾ لڳل باهه جي دل ڏاريندڙ سانحي ۾ فوت ٿيل 14 نون ڄاول ٻارڙن جي سڃاڻپ ۽ باهه مان زندهه بچايل هڪ ٻار بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.
PIMS انتظاميا موجب فوت ٿيل ٻارڙن جا تفصيل هيٺ ڏنل آهن:
- جوريه جي ٻار جو والد سميع الله.
- عاليه جي ٻار جو والد رشيد.
- انيسا جي ٻار جو والد عبدالله.
- آسيا بي بي جي ٻار جو والد بهادر.
- شڪيله جي ٻار جو والد محمد تنوير.
- صديقه جي ٻار جو والد عمران.
- صمبل جي ٻار جو والد عثمان.
- ڪرن فاطمه جي ٻار جو والد محمد سعدالرحمان.
- امينه جي ٻار جو والد خرم.
- ماريا جي ٻار جو والد قيوم.
- خضرا جي ٻار جو والد مدثر.
- حفصا جي ٻار جو والد اشتياق.
- عروسه سعيد جي ٻار جو والد ادريس خان.
اسپتال انتظاميا موجب زندهه بچايل نون ڄاول ٻار جي ماءُ آصفه ۽ والد وقاص آهي.
نرسري ۾ پيش آيل باهه جي سانحي کانپوءِ واقعي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ سان گڏ اسپتال ۾ باهه کان بچاءَ ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ وارن انتظامن جو جائزو وٺڻ جا مطالبا پڻ سامهون اچي رهيا آهن.
واضح رهي ته اربع جي صبح اسلام آباد جي PIMS اسپتال جي گائني وارڊ ۾ لڳل باهه جي نتيجي ۾ 14 نون ڄاول ٻار فوت ٿي ويا هئا.
