ڪراچي، 24 آگسٽ 2026ع: سنڌ جي مڪاني حڪومت واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جيستائين آصف علي زرداري صدر جي عهدي تي موجود آهي، تيستائين سنڌ کي ورهائي نٿو سگهجي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني حڪومتن جي نظام کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ لاءِ قانون سازي ڪري رهي آهي. هن سوال اٿاريو ته اسلام آباد ۾ پاڻ مڪاني حڪومت جو نظام موجود ناهي، ته پوءِ اهو نوان صوبا ڪيئن ٺاهي سگهي ٿو؟
ناصر شاهه چيو ته پيپلز پارٽي لاءِ سنڌ کان وڌيڪ اهم ڪا شيءِ ناهي ۽ سنڌ کي متحد رکڻ لاءِ پارٽي ڪنهن به عهدي جي قرباني ڏئي سگهي ٿي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو چيئرمين، ڪو چيئرمين، سنڌ جو وڏو وزير ۽ ٻيا آئيني عهديدار سنڌ سان تعلق رکن ٿا، جڏهن ته پارٽي هميشه ”سنڌ پهرين“ جي ڳالهه ڪئي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو هو ته ڪراچي جي مسئلن جي ذميوار ايم ڪيو ايم آهي. هن چيو ته مصطفىٰ ڪمال، ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين جي اشتعال انگيز تقريرن تي ”جي ڀائي، جي ڀائي“ چئي جواب ڏيندو هو.
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته صوبن بابت پيپلز پارٽي جي پاليسي واضح آهي ۽ روڊن تي سروي ڪرائڻ کي عوامي راءِ جو متبادل نٿو سمجهي سگهجي.
ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد، مصطفىٰ ڪمال جي اختيارن جي منتقلي بابت مطالبن تي سخت ردعمل ڏيندي چيو ته هو پاڻ اهڙي وزارت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪا بنيادي طور صوبائي معاملو آهي. اختيارن جي منتقلي جو مطالبو ڪندڙن کي پهريان پنهنجي وزارت تي نظر وجهڻ گهرجي.
