گرينڊ هيلٿ الائنس سنڌ جي سڏ تي هيلٿ ملازمن جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ سول اسپتال حيدرآباد کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ريلي جي قيادت گرينڊ هيلٿ الائنس سنڌ جي اڳواڻن ڊاڪٽر روشن علي چانڊيو صاحب، محمد شريف پالاري صاحب، ڊاڪٽر نياز ٻٻر صاحب، ڊاڪٽر عبدالرشيد ٻلال صاحب، عبدالغفار رند بلوچ، سيد اسلام الدين شاهه ۽ عمران علي راجپر ڪئي.
ريلي ۾ ڊاڪٽرز، اسٽاف نرسز، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ ٻين هيلٿ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنهنجي جائز حقن لاءِ ڀرپور آواز بلند ڪيو.
هيلٿ ملازمن جا جائز مطالبات سنڌ جي ڊاڪٽرز، اسٽاف نرسز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف سان انصاف ڪيو وڃي.
پي پي ايڇ آءِ کي ڏنل صحت مرڪز واپس هيلٿ سيڪٽر جي حوالي ڪيا وڃن. ڊاڪٽرز، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ اسٽاف نرسز جي پگهارن ۾ مناسب اضافو ڪيو وڃي. صحت ملازمن تي FBR جا غير منصفاڻا ٽيڪس ختم ڪيا وڃن. جنرل ۽ هيلٿ مينيجمينٽ ڪيڊر جي ڊاڪٽرز کي بيوروڪريٽس جي جاءِ تي هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ يوٽلائيز ڪيو وڃي. پيراميڊيڪل اسٽاف جو سروس اسٽرڪچر بحال ڪري جائز پروموشن ڪيا وڃن
احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هيلٿ ملازم ڏينهن رات عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري سندن جائز مطالبن ۽ حقن کي نظرانداز ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.
هيلٿ ملازمن جا جائز مطالبا فوري طور تسليم ڪري عملي قدم کنيا وڃن.
گرينڊ هيلٿ الائنس سنڌ جي سڏ تي حيدرآباد ۾ ڊاڪٽرن پنهنجي حقن لاء احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
