حيدرآباد: ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق زراق خان ڌاريجو ۽ ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي حڪمن تي عملدرآمد ڪندي ايس ڊي پي او ڦليلي وقاص دراني جي سربراهي ۾ ايس ايڇ او انسپيڪٽر محمد هاشم بروهي پنهنجي اسٽاف سان گڏ ڪارروائي ڪئي.
ڦليلي پوليس گڊس ناڪا چوڪ ڀرسان چيڪنگ دوران هڪ شڪي سفيد ڪرولا ڪار کي روڪي تلاشي ورتي، جنهن مان وڏي مقدار ۾ چرس هٿ ڪئي وئي.
پوليس ڪار ۾ سوار ٻن جوابدارن عبدالولي پٺاڻ ۽ ذاڪراللہ پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب هٿ آيل چرس جو وزن 8 ڪلو 116 گرام آهي.
ابتدائي جاچ دوران گرفتار جوابدارن مبينا طور ٻڌايو ته هٿ آيل چرس حيدرآباد جي مختلف هنڌن تي سپلاءِ ڪرڻ لاءِ کڻي وڃي رهيا هئا.
ڦليلي پوليس ٻنهي جوابدارن خلاف ڪرائيم نمبر 154/2026، نارڪوٽڪس ايڪٽ جي قلم 9(1)، 3(C) تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
