لاڙڪاڻو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان (PSP) سان پريس ڪلب جي عهديدارن ۽ ذميوارن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ عهدي جي چارج سنڀالڻ تي کيس مبارڪباد پيش ڪئي.
ملاقات دوران ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال، شهرين جا مسئلا، صحافي برادري کي درپيش مشڪلاتن ۽ پوليس توڙي ميڊيا وچ ۾ سهڪار سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان پريس ڪلب جي عهديدارن جي آجيان ڪندي چيو ته پوليس ۽ صحافت معاشري جا ٻه اهم ستون آهن، جن جو مقصد عوام جي خدمت ۽ معاشري ۾ امن ۽ شعور کي هٿي ڏيڻ آهي.
هن چيو ته ضلعي ۾ امن امان قائم ڪرڻ، ڏوهن جي خاتمي ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آندا ويندا. عوامي شڪايتن جي ازالي ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ به ڀرپور قدم کنيا ويندا.
ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته ميڊيا نمائندا معاشري جون اکيون ۽ ڪن آهن، تنهن ڪري پوليس ۽ ميڊيا وچ ۾ مثبت، باهمي احترام ۽ اثرائتو رابطو وقت جي اهم ضرورت آهي.
پريس ڪلب جي عهديدارن ايس ايس پي لاڙڪاڻو لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ضلعي ۾ امن امان جي بهتري ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ پوليس سان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.
ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جڏهن ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ باهمي رابطي ۽ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
