اسلام آباد/19 آگسٽ (اي پي پي): وفاقي وزير اطلاعات و نشريات عطا تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي آئل ريفائنريز سان ڪامياب ڳالهين جي نتيجي ۾ ڊيزل جي اگهه ۾ 32 رپين کان وڌيڪ لاٿ متوقع آهي، جيڪا عوام لاءِ وڏو رليف ۽ ملڪي معيشت تي مثبت اثر وجهندڙ اهم قدم آهي.
اسلام آباد ۾ وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ سان گڏ ٻارڻ جي اگهن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ آئل ريفائنريز سان ڳالهين ۽ عوام کي وڌ کان وڌ رليف منتقل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون.
عطا تارڙ چيو ته ملڪ ۾ ڊيزل جو وڏو حصو مقامي طور ريفائن ۽ تيار ڪيو ويندو آهي، تنهن ڪري ڊيزل جي اگهه ۾ 32 رپين کان وڌيڪ گهٽتائي متوقع آهي. هن چيو ته ڊيزل جي قيمت گهٽجڻ سان آبادگارن، مال بردار ٽرانسپورٽرن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي سڌو فائدو ملندو، جڏهن ته عوام تي مالي بار گهٽ ٿيندو ۽ پوري معيشت تي مثبت اثر پوندا.
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جنگي حالتن سبب پيدا ٿيل مشڪلاتن کان آگاهه آهي ۽ عوام کي هر ممڪن رليف ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ عوام کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون.
