• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي وچ ۾ زرعي تحقيق ۽ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي وچ ۾ زرعي تحقيق ۽ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

admin
Last updated: August 30, 2026 7:59 am
admin
Share
SHARE

پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي وچ ۾ زرعي تحقيق، شاگردن جي عملي تربيت، گڏيل تحقيقي منصوبن ۽ ملڪ جي زرعي شعبي کي درپيش خدشن کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار کي ھٿي ڏيڻ لاءِ اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته ٻنهي ادارن وچ ۾ موجود مفاهمتي يادداشت جي تجديد ۽ نوان گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل جي ميمبر، پلانٽ سائنسز ڊويزن اسلام آباد، ڊاڪٽر سجاد علي رائو ۽ پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل جي ڏاکڻي زرعي تحقيقي مرڪز ڪراچي جي ڊائريڪٽر جنرل پرويز احمد بلوچ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال سان ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر سجاد علي رائو جي پلانٽ سائنسز ڊويزن جي ميمبر طور مقرري کانپوءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي جو هي سندس پهريون تعارفي دورو هو، ملاقات ۾ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس ٽيچرز انگيجمينٽ پروگرام پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊائريڪٽر آفيس آف ريسرچ، انوويشن اينڊ ڪمرشلائيزيشن ڊاڪٽر آسيہ اڪبر پنھور ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ شريڪ هئا، ملاقات دوران سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل وچ ۾ مفاهمتي يادداشت جي تجديد، زرعي رابطن واري پروگرام تحت منصوبن، گڏيل تحقيقي سرگرمين، شاگردن لاءِ انٽرن شپ ۽ عملي تربيت جا موقعا، زرعي شعبي جي ترقي ۾ يونيورسٽي جي ڪردار ۽ مستقبل ۾ گڏيل تحقيقي منصوبن سميت مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جو زرعي شعبو موسمياتي تبديلي، پاڻي جي کوٽ، فصلن جي گهٽ پيداوار، جيتن ۽ بيمارين سميت ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ زرعي يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن وچ ۾ مضبوط رابطن، جديد تحقيق ۽ گڏيل منصوبن کي هٿي وٺرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ان موقعي تي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ملڪ جي اهم زرعي تحقيقي ادارن سان رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته گڏيل تحقيقي منصوبن، شاگردن جي عملي تربيت ۽ تحقيقي ادارن سان رابطن ذريعي شاگردن جي پيشه ورانه صلاحيتن ۾ واڌارو ٿيندو، جڏهن ته زرعي مسئلن جا سائنسي حل ڳولڻ ۽ تحقيق جا فائدا آبادگارن تائين پهچائڻ ۾ پڻ مدد ملندي، ڊاڪٽر سجاد علي رائو سنڌ زرعي يونيورسٽي جي زرعي تعليم، تحقيق ۽ ماهر افرادي قوت جي تياري ۾ ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مؤثر بڻائي زرعي تحقيق ۽ تربيت جا فائدا سڌي ريت زرعي شعبي ۽ آبادگار برادري تائين پهچائي سگهجن ٿا، ان موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ڪوالٽي انہانسمنٽ ڊاڪٽر سليم مسيح ڀٽي ميزبان جي حيثيت سان وائيس چانسلر ۽ پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل جي وفد کي ٻنهي ادارن وچ ۾ موجود مفاهمتي معاهدي جي اهميت، ان جي دائري ۽ مستقبل ۾ گڏيل سهڪار جي امڪاني شعبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي ادارن وچ ۾ مفاهمتي يادداشت جي تجديد لاءِ وڌيڪ صلاح مشورا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article حيدرآباد ڪمشنر جو اعتماد هوم جو دورو، يتيم ٻارن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ
Next Article ماربل انڊسٽري بحران جو شڪار، حڪومت کان رليف پيڪيج جو مطالبو
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

موسميات کاتي جي سنڌ ۾ برسات جي اڳڪٿي کان پوءِ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي: شرجيل ميمڻ

سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته موسميات کاتي جي سنڌ صوبي ۾ شديد برساتن جي…

1 Min Read
پاڪستان

ڀارتي آبي جارحيت سبب اسان جا 6 هزار ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، ايترا ماڻهو ته جنگين ۾ به ناهن مرندا: مصدق ملڪ

اسلام آباد: وفاقي ماحولياتي تبديلي واري وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته ڀارت جي آبي پاليسين سبب پاڪستان جا 6…

3 Min Read
پاڪستان

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي.

حيدرآباد ۾ في ڪلو اٽي 10 کان 20 رپيا مهانگو ڪيو ويو آهي، جنهن سبب 20 ڪلو اٽي جو ٿيلو…

2 Min Read
پاڪستان

سانگهڙ: يومِ عاشورا تي مرڪزي ماتمي جلوس، سخت سيڪيورٽي انتظام

سانگهڙ يومِ عاشورا تي سانگهڙ ۾ مرڪزي ماتمي جلوس برآمد، سخت سيڪيورٽي انتظامحضرت امام حسينؑ ۽ شهيدنِ ڪربلا جي عظيم…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?