سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته موسميات کاتي جي سنڌ صوبي ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي کان پوءِ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ايندڙ ڏينهن دوران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير چيو ته ڪراچي، سکر، ڪشمور، گهوٽڪي، ڄامشورو، شڪارپور، لاڙڪاڻي ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو به امڪان آهي.
شرجيل ميمڻ اهو به چيو ته موسميات کاتي موجب برسات جو سلسلو 6 اپريل تي شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. حساس ڍانچن ۽ فصلن جي تحفظ لاءِ اڳواٽ قدم کنيا پيا وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته برسات جي اڳڪٿي سبب حڪومت سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. ضلعي انتظاميه، بلدياتي ادارا ۽ ريسڪيو سروسز کي به متحرڪ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هارين کي موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومتي اڳواڻي ۽ مدد فراهم ڪئي پئي وڃي.
