• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: ماربل انڊسٽري بحران جو شڪار، حڪومت کان رليف پيڪيج جو مطالبو
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

ماربل انڊسٽري بحران جو شڪار، حڪومت کان رليف پيڪيج جو مطالبو

admin
Last updated: August 30, 2026 8:27 am
admin
Share
SHARE

ڪراچي پاڪستان جي ماربل ۽ اسٽون انڊسٽري سخت بحران جو شڪار آهي، ڳرا ٽيڪس، مهانگي بجلي ۽ وڌندڙ ڪاروباري خرچن سبب واپاري ۽ صنعتڪار پنهنجا ڪاروبار هلائڻ ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن بيروزگاري وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪندي واپاري برادري حڪومت کان صنعت لاءِ خصوصي رليف پيڪيج ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ان سلسلي ۾ آل پاڪستان ماربل انڊسٽري ايسوسيئيشن جي چيئرمين محمد بلال خان، سنڌ بلوچستان زون جي زونل وائيس چيئرمين راحت شاهه، اڳوڻي زونل وائيس چيئرمين جمشيد خان امازئي، ايف پي سي سي آءِ جي منرل ڪميٽي جي ميمبر اسدالله خان ۽ ٻين ملڪ ۾ ماربل ۽ اسٽون انڊسٽري کي درپيش سنگين مسئلن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان فوري ۽ عملي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ايسوسيئيشن موجب پاڪستان جي ماربل ۽ اسٽون انڊسٽري هن وقت سخت بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. مائننگ جا پيچيده مسئلا، خام مال جي وڌندڙ قيمتون، ڳرا ٽيڪس، بجلي جا مهانگا اگهه، ڪاروباري خرچن ۾ اضافو ۽ مارڪيٽ ۾ مسلسل مندي صنعتڪارن ۽ واپارين لاءِ ڪاروبار جاري رکڻ انتهائي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي.ايسوسيئيشن خاص طور تي ڪراچي جي منگھوپير ماربل انڊسٽريل ايريا ۾ بجلي چوري ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ کي صنعت لاءِ انتهائي ڳڻتي جو سبب قرار ڏيندي چيو آهي ته بجلي چوري جي مؤثر روڪٿام نه ٿيڻ ۽ مسلسل بجلي بند رهڻ سبب ڪارخانن جي پيداوار سخت متاثر ٿي رهي آهي. اهڙي صورتحال جو بار قانوني ۽ باقاعدگي سان بجلي جا بل ادا ڪندڙ صنعتي صارفين تي نه وڌو وڃي ايسوسيئيشن مطالبو ڪيو ته لاڳاپيل بجلي فراهم ڪندڙ ادارو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بجلي چوري ۾ ملوث عنصرن خلاف بنا فرق جي مؤثر ڪارروائي ڪن، جيئن منگھوپير جي صنعتي علائقي کي مسلسل لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جي بندش مان ڇوٽڪارو ملي سگهي.ايسوسيئيشن موجب ڊگهي ۽ غيراعلانيه لوڊشيڊنگ سبب مشينري ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند رهندي آهي، جنهن سان پيداواري عمل متاثر ٿيڻ سان گڏ ڪاروباري نقصانن ۾ پڻ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. بروقت پيداوار نه ٿيڻ سبب صنعتڪار پنهنجا ملڪي ۽ عالمي آرڊر مقرر وقت اندر مڪمل نٿا ڪري سگهن، جنهن جو سڌو سنئون منفي اثر پاڪستان جي ماربل ۽ اسٽون جي برآمدات تي پئجي رهيو آهي. عالمي خريدارن جا آرڊر دير سان مڪمل ٿيڻ سبب پاڪستان جي ساک متاثر ٿيڻ ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ ۾ پڻ نقصان جو خدشو آهي.آل پاڪستان ماربل انڊسٽري ايسوسيئيشن سنڌ بلوچستان زون چيو آهي ته ماربل انڊسٽري صرف هڪ ڪاروبار نه، پر هزارين خاندانن جي روزگار جو اهم ذريعو ۽ ملڪي معيشت جو هڪ اهم شعبو آهي. مهمند، بونير، مردان، خضدار، بلوچستان ۽ ملڪ جي ٻين ماربل ۽ پٿر پيدا ڪندڙ علائقن کان وٺي ڪراچي جي ڪارخانن ۽ مارڪيٽن تائين لکين ماڻهو سڌي ۽ اڻ سڌي طرح هن صنعت سان وابسته آهن.ايسوسيئيشن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ماربل ۽ اسٽون انڊسٽري لاءِ خصوصي رليف پيڪيج ڏنو وڃي، مائننگ جي طريقيڪار کي آسان، شفاف ۽ ڪاروبار دوست بڻايو وڃي، غيرضروري ٽيڪسن ۽ اضافي خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي ۽ صنعتي شعبي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ خصوصي رعايت ڏني وڃي ايسوسيئيشن جو چوڻ هو ته مهمند، بونير، مردان، خضدار، بلوچستان ۽ ٻين مائننگ وارن علائقن ۾ درپيش مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن، جديد مائننگ ۽ پروسيسنگ ٽيڪنالاجي لاءِ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي ۽ صنعتڪارن کي آسان شرطن تي قرض ۽ ڪاروباري سهولتون فراهم ڪيون وڃن.ايسوسيئيشن حڪومت کان اهو پڻ مطالبو ڪيو ته پاڪستاني ماربل ۽ اسٽون جون برآمدات وڌائڻ لاءِ جامع ۽ مؤثر پاليسي جوڙي وڃي ۽ حڪومت، مائن مالڪن، صنعتڪارن، واپارين ۽ لاڳاپيل ادارن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري هن اهم صنعت جي بحالي ۽ ترقي لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي.ايسوسيئيشن چيو ته مهمند هجي، بونير، مردان، خضدار ۽ بلوچستان هجي يا ڪراچي جو منگھوپير ماربل انڊسٽريل ايريا، هر علائقي جا مسئلا فوري ۽ مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ ضروري آهي. ماربل انڊسٽري کي سهارو ڏيڻ صرف صنعتڪارن جي مدد نه، پر روزگار جي تحفظ، ڪاروباري سرگرمين جي واڌ، برآمدات ۾ اضافي ۽ ملڪي معيشت کي مضبوط ڪرڻ جي برابر آهي.آل پاڪستان ماربل انڊسٽري ايسوسيئيشن حڪومت ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته هن اهم صنعت کي وڌيڪ زوال کان بچائڻ لاءِ فوري، سنجيده ۽ عملي قدم کنيا وڃن.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي وچ ۾ زرعي تحقيق ۽ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق
Next Article 2-9-2026
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

ڪراچي جي صدر موبائل مارڪيٽ ۾ لڳل باهه تي قابو پاليو ويو

ڪراچي جي صدر موبائل مارڪيٽ ۾ لڳل باهه تي قابو پاليو ويو. فائر بريگيڊ جي اهلڪارن موجب، باهه النجیبی مارڪيٽ…

1 Min Read
پاڪستان

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون: تاريخ ۽ ڏينهن اڃا طئي نه، غير يقيني صورتحال برقرار

اسلام آباد: آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيندڙ ممڪن ڳالهين جي ايندڙ مرحلي بابت اڃا تائين ڪا حتمي اڳڀرائي…

3 Min Read
پاڪستان

سوات: ڍنڍ سيف الله ۾ سياحن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت

سوات: سوات جي ڍنڍ سيف الله ۾ سياحن سان ڀريل ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا…

1 Min Read
پاڪستان

شاهه محمود آجو، ياسمين راشد سوڌو 8 جوابدارن کي ڏهه، ڏهه سال ٽيپ

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي هڪ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي بري…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?