• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: سيبس يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اڪيڊمڪ ڪائونسل جو ٽيون اجلاس، نصاب ۾ سڌارن ۽ نون ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرامن جي منظوري
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

سيبس يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اڪيڊمڪ ڪائونسل جو ٽيون اجلاس، نصاب ۾ سڌارن ۽ نون ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرامن جي منظوري

admin
Last updated: September 4, 2026 9:24 am
admin
Share
SHARE

شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو ٽيون اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪيترن ئي اهم تدريسي ۽ نصابي معاملن جو جائزو وٺي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ خاص طور تي هائر ايجوڪيشن ڪميشن (هيڪ) جي پاليسين سان هم آهنگ ڪندي تعليمي پروگرامن کي جديد بڻائڻ، آئوٽ ڪم بيسڊ ايجوڪيشن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، نوان ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام متعارف ڪرائڻ ۽ مختلف شعبن جي اسڪيمن ۽ ڪورس مواد ۾ ترميم ڪرڻ تي غور ڪيو ويو.

اڪيڊمڪ ڪائونسل چار سالا بيچلر آف فائن آرٽس ۽ ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام  جي نظرثاني ٿيل اسڪيم آف اسٽڊيز جي منظوري ڏني، جيڪي 2025ع کان شروع ٿيندڙ بيچز لاءِ لاڳو ٿيندا. اهي اسڪيمون هيڪ جي انڊر گريجوئيٽ ايجوڪيشن پاليسي 2025ع ۽ نظرثاني ٿيل فائن آرٽس نصاب مطابق تيار ڪيون ويون آهن. ان سان گڏ فائن آرٽس شعبي جي اٺين سيمسٽر جي فائنل ٿيسز پروجيڪٽن جي جاچ پڙتال جي معيار جي پڻ منظوري ڏني وئي. آرڪيٽيڪچر شعبي بابت ڪائونسل، بيچلر آف آرڪيٽيڪچر پروگرام جي ٽئين کان پنجين سال تائين نظرثاني ٿيل ڪورس مواد، پروگرام ايجوڪيشنل آبجيڪٽوز، پروگرام لرننگ آئوٽ ڪمز  ۽ 2025ع کان شروع ٿيندڙ بيچز لاءِ نظرثاني ٿيل اسڪيم آف اسٽڊيز جي منظوري ڏني. پهرين سال جي پهرين ۽ ٻي سيمسٽر جي ڪورس مواد جي پڻ منظوري ڏني وئي.

انٽيريئر ڊيزائن جي شعبي ۾ ڪائونسل بيچلر آف انٽيريئر ڊزائن پروگرام لاءِ 2025ع کان اڳتي ايندڙ بيچز جي نظرثاني ٿيل اسڪيم آف اسٽڊيز، پروگرام ايجوڪيشنل آبجيڪٽوز، پروگرام لرننگ آئوٽ ڪمز جي منظوري ڏني، جڏهن ته فائونڊيشن ايئر ۽ ڇهين کان اٺين سيمسٽر تائين نظرثاني ٿيل ڪورس مواد پڻ منظور ڪيو ويو. ان کان علاوه 2026ع کان شروع ٿيندڙ بيچز لاءِ ٻن سالن واري ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام ۽ ان جي پهرين سال جي ڪورس مواد جي پڻ منظوري ڏني وئي. بيچلر آف آرڪيٽيڪچر ۽  انٽيريئر ڊزائن پروگرامن لاءِ انٽرنشپ جي ضابطن کي پڻ منظور ڪيو ويو.

ڪائونسل ڊپارٽمينٽ آف ٽيڪسٽائل ڊيزائن، بيچلر آف ٽيڪسٽائل ڊيزائن ۽ بيچلر آف فيشن ڊيزائن پروگرامن جي مشن اسٽيٽمينٽس جي منظوري پڻ ڏني، جڏهن ته ٽيڪسٽائل ڊيزائن شعبي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان جي رخ جي پڻ منظوري ڏني وئي . هيڪ جي نظرثاني ٿيل نصاب مطابق 2025ع جي بيچ لاءِ پهرين ۽ ٻي سيمسٽر جي نصاب جي منظوري ڏني وئي. ان سان گڏ ٽيڪسٽائل ڊيزائن ۾ ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام ۽ ان جي چئن سيمسٽرن جي نصاب جي پڻ منظوري ڏني وئي. ڪميونيڪيشن ڊيزائن شعبي بابت ٻن نون ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرامن شروع ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل سفارشن جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته شعبي جي مختلف پروگرامن لاءِ تجويز ڪيل اسڪيم آف اسٽڊيز کي پڻ غور هيٺ آڻي وڌيڪ عملدرآمد لاءِ منظور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ 2026ع ۽ ان کان پوءِ لاءِ سيمسٽر ۽ امتحاني ضابطن جو پڻ جائزو وٺي سفارش ڪئي وئي. ان کان علاوه فال 2025-26 ۽ فال 2026 جي داخلا سيشنن لاءِ داخلا پاليسين جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته 2025-26 جي اڪيڊمڪ ڪئلينڊر جي پڻ توثيق ڪئي وئي. اڪيڊمڪ ڪائونسل هيڪ پاران انڊر گريجوئيٽ آرٽ ۽ ڊيزائن پروگرامن ۾ پروگرام لرننگ آئوٽ ڪمز ذريعي گريجوئيٽ خاصيتن کي معياري بڻائڻ ۽ آئوٽ ڪم بيسڊ ايجوڪيشن لاڳو ڪرڻ بابت پڻ غور ڪيو. ان سان گڏ انڊسٽريل ريووليوشن 5.0 جي تناظر ۾ ڊگري پروگرامن ۽ نصاب جو جائزو وٺڻ لاءِ قائم ڪيل نيشنل ٽاسڪ فورس جي مقصدن ۽ جوڙجڪ جو پڻ جائزو ورتو ويو. هيڪ جي معياري فريم ورڪ مطابق سيبس يونيورسٽي جي سمورن بيچلر ڊگري پروگرامن لاءِ معياري ڪورس ڪوڊنگ پيٽرن تي پڻ غور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري لبيڪا اڪرام، اڪيڊمڪ ڪائونسل جي نامزد ميمبرن بابر اين. شيخ، آرڪيٽيڪٽ ماريا اسلم ۽ تازئين حسين، قائم مقام رجسٽرار محمد سليمان ڀٽو، مختلف تعليمي شعبن جي سربراهن شوڪت علي کوکر، محمد سليم جهتيال ۽ آرڪيٽيڪٽ فهد شمس نظاماڻي، فيڪلٽي ميمبرن فضل الاهي خان، راجڪمار، زبير احمد ڀٽو، صبا قيوم لغاري ۽ رابعه پير بخش، سينيئر لائبريرين سيد غلام مرتضيٰ شاهه، انچارج امتحانات منور حسين لغاري ۽ ڊائريڪٽر ڪيو اِي سِي ڊاڪٽر شبينا شيخ مبصر طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آرڪيٽيڪٽ عرفان بروهي ۽ چندر ڪمار پڻ پنهنجن لاڳاپيل شعبن بابت تفصيل ڏنا.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article پنجاب ۾ ڪرپشن خلاف گرينڊ آپريشن، ڳجها سيل قائم، گرفتاريون شروع
Next Article سنڌ ۾ هڪ ئي حڪومت هوندي، انهي کان سواءِ ٻئي ڪابه ڳالهه نٿي ٿي سگهي: سعيد غني
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

وزيراعظم شهباز شريف ايران جي دوري کانپوءِ ترڪي پهچي ويو

استنبول: وزيراعظم شهباز شريف ايران جي دوري کانپوءِ ترڪي جي دوري لاءِ استنبول پهچي ويو، جتي هو ترڪي جي صدر…

2 Min Read
پاڪستان

پي ٽي آءِ جي دور ۾ 400 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهو بازياب ڪيا ويا، اسد قيصر جي دعويٰ

ڪوئيٽا: پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر دعويٰ ڪئي…

3 Min Read
پاڪستان

اڊيالا جيل مان 14 قيدين جي فرار واري واقعي ۾ اهم اڳڀرائي، ڊي ايس پي معطل، جيل گارڊ انچارج سميت 5 اهلڪار گرفتار

راولپنڊي: راولپنڊي جي اڊيالا جيل مان قيدين جي فرار واري واقعي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. پوليس اختيارين واقعي…

5 Min Read
پاڪستان

نئين سال جو ڪائونٽ ڊائون شروع، 2025 جو سج غروب ٿيڻ ۾ صرف ڪجهه ڪلاڪ باقي

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ نئين سال جو ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي ويو آهي. 2025 جو سج غروب ٿيڻ ۾…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?