سنڌ جي پورهئي ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ ئي حڪومت هوندي، انهي کان سواءِ ڪابه ٻئي ڳالهه نٿي ٿي سگهي.
سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم هن وقت ٻڏتر جو شڪار آهي، جماعت اسلامي هن شهر ۾ نئين ايم ڪيو ايم بنجڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ التوا کان پوءِ جيڪا قرارداد ايندي انهي جي نتيجي ۾ جيڪو انهي جي حق ۾ جيڪو انهي جي مخالفت ۾ ووٽ ڏيندو عوام جي سامهون ظاهر ٿي ويندو. ڪيترائي چهرا بي نقاب ٿيندا ۽ ڪيترين ئي سياسي پارٽين جو سنڌ مان سياست جو خاتمو به ٿي ويندو.
سعيد غني چيو ته انتظامي يونٽس جو راڳ ڪري جيڪڏهن ڪو چاهي ٿو ته هن صوبي ۾ 6 وزيراعليٰ هوندا ته ٻڌي وٺو ته سنڌ صوبي ۾ هڪ ئي وڏو وزير، هڪ ئي گورنر، هڪ ئي اسيمبلي ۽ هڪ ئي ڪابينه هوندي انهي کان سواءِ ٻئي ڪابه ڳالهه نٿي ٿي سگهي.
هن چيو ته مان اها ڳالهه ڪافي وقت کان چئي رهيو آهيان ته اها تمام گهڻي افسوسناڪ ڳالهه آهي ته جماعت اسلامي هن شهر ۾ نئين ايم ڪيو ايم بنجڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته صرف باهيون ڏيڻ جي ڳالهه نه آهي. انهي کان علاوه هنن جي سوچ ۽ سياست جو جيڪو طريقو آهي ۽ جهڙي طرح هي ڪراچي ۾ نفرت جي سياست کي اڳيان وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهو ڪم ايم ڪيو ايم ڪيو هو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو جيڪو حشر اڄ ٿيو آهي ۽ جنهن نتيجي تي پهچي چڪي آهي انهي جو بنيادي سبب به اهوئي هو.
صوبائي وزير چيو ته جماعت اسلامي ڪجهه سکڻ جي بجاءِ شايد جلدي ۾ ماڻهن کي ڀڙڪائي سياست جي پروان چڙهائڻ چاهي ٿي. سعيد غني چيو ته جهڙي طرح هنن اڄ هڙتال جو سڏ ڏنو آهي ۽ جهڙي طرح هنن ڀڃ ڊاهه، باهيون ڏنيون اهو ڪهڙي به طرح قبول ڪرڻ جوڳو عمل نه آهي، اهو غير سياسي عمل آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي اهو سمجهي ٿي ته انهن جي سڏ تي عوام لبيڪ چوندي ته پوءِ اوهان کي ماڻهن جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ گهرجي پر انهي جي ابتڙ ڀڃ ڊاهه باهيون ڏئي ماڻهن ۾ خوف حراس پکيڙڻ اهو سڀ ڪجهه سياسي دهشتگردي جي برابر آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته گذريل 3 ڏينهن کان سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن مان سمجهان ٿو ته اهي ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ ڪنهن جي ذهن ۾ اها غلط فهمي نه رهڻ گهرجي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ انهي جا اسيمبلي ۾ ويٺل ميمبر هن صوبي ۾ ڪنهن به قسم جي ورهاست نٿا چاهين.
