ٺري ميرواہ جي ڳوٺ حاجي سوڍو ويسر واسين جو بااثرن جي مبينا ظلم خلاف پريس ڪلب ٺري ميرواہ آڏو احتجاج
احتجاج ڪندي ھمت علي ويسر ۽ سلمان خاتون ويسر دانھيندي چيو تہ بااثرن خدابخش ويسر پنھل ويسر رحمان ويسر ۔ دل خان ۔ اياز ويسر ۽ ٻين اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ھنن الزام ھنيو آھي تہ بااثر شخص اسان کي بنا جواز لڏائڻ چاھين ٿا ٺري ميرواہ پوليس بہ ايڪشن وٺڻ لاء تيار نہ آھي اسان مسڪين غريب آھيون ھنن ايس ايس پي خيرپور ۽ ڊي آئي جي سکر کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي۔
ٺري ميرواهه: ڳوٺ حاجي سوڍو ويسر واسين جو مبينا ظلم خلاف احتجاج، انصاف جو مطالبو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
