مظفرآباد: آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ چيو آهي ته پناهگيرن جي مخصوص سيٽن وارو معاملو سنجيده ۽ بامقصد بحث جو تقاضا ڪري ٿو، ۽ ان حوالي سان بحث لاءِ سڀ کان مناسب فورم قانون ساز اسيمبلي آهي.
هڪ بيان ۾ وزيراعظم آزاد ڪشمير چيو ته سياسي حق حاصل ڪرڻ جو بهترين طريقو سياسي جدوجهد آهي، نه ته احتجاج يا هنگامه آرائي.
هن چيو ته پناهگيرن جي مخصوص سيٽن جي موجوده حيثيت قبول جوڳي ناهي، ۽ انهن سيٽن جو خاتمو ڪو شڪايت يا گِلو نه، پر هڪ جائز ۽ آئيني مطالبو آهي.
ٻئي طرف وفاقي وزير پارلياماني معاملن ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري وزيراعظم آزاد ڪشمير جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن فيصل ممتاز راٺوڙ وٽ ڪو تجويز يا فارمولو آهي ته اهو اڃا تائين حڪومت سان شيئر ناهي ڪيو ويو، تنهن ڪري سوشل ميڊيا تي هلندڙ رپورٽن جي بنياد تي راءِ نٿي ڏئي سگهجي.
طارق فضل چوڌري چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم آزاد ڪشمير مسلم ليگ (ن) سان باضابطه ڳالهه ٻولهه ڪندو ته پوءِ حڪومت پنهنجو موقف پيش ڪندي.
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جو موقف واضح آهي ته پناهگيرن جون 12 مخصوص سيٽون فوري طور ختم نٿيون ڪري سگهجن، ڇو ته انهن جي خاتمي لاءِ آئيني ترميم ضروري آهي.
وفاقي وزير موجب چونڊن کان پوءِ نئين قانون ساز اسيمبلي جيڪڏهن مناسب سمجهي ته آئيني ترميم ذريعي ان معاملي تي فيصلو ڪري سگهي ٿي، پر هن وقت اهي 12 مخصوص سيٽون برقرار آهن ۽ برقرار رهنديون.
