• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ جاري رکڻ جو اعلان ، گورنر راڄ کانپوءِ خيبر پختونخوا ۾ فوج مقرر، 11 رڪني مشاورتي ڪائونسل قائم
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ جاري رکڻ جو اعلان ، گورنر راڄ کانپوءِ خيبر پختونخوا ۾ فوج مقرر، 11 رڪني مشاورتي ڪائونسل قائم

admin
Last updated: October 12, 2026 7:11 am
admin
Share
SHARE

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف جي صلاح تي خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ فوج مقرر ڪرڻ ۽ انتظامي معاملا هلائڻ لاءِ 11 رڪني مشاورتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته سهيل آفريدي طرفان لانگ مارچ جو اعلان اڃا تائين برقرار آهي ۽ ان ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي.
آچر ڏينهن خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته لانگ مارچ بابت سهيل آفريدي جي اعلان ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.
هن چيو ته مارچ اڳتي ڪيئن وڌندو ۽ اتي حالتون ڪهڙيون آهن، ان بابت مقامي قيادت وڌيڪ بهتر ڄاڻي ٿي.
هن واضح ڪيو ته هن وقت سندس پي ٽي آءِ جي صوبائي قيادت سان ڪو رابطو ناهي.
سندس چوڻ هو ته پارٽي سياسي حڪمت عملي اختيار ڪندي، ڇاڪاڻ ته احتجاج ڪرڻ عوام جو بنيادي ۽ آئيني حق آهي.
ٻئي پاسي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس وفاقي حڪومت کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا حڪومت سمجهي ٿي ته اها کٽي وئي آهي؟
هن چيو ته حڪومت هارايو آهي ۽ پاڪستان ۾ هن طريقي سان امن قائم نه ٿيندو.
راجا ناصر عباس دعويٰ ڪئي ته ڳالهين دوران حڪومتي ڪميٽي شرط رکيو هو ته وزيراعظم سان ملاقات لانگ مارچ ختم ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ ئي ٿي سگهي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته لانگ مارچ آئين ۽ قانون موجب هو ۽ پرامن هو.
سندس چوڻ هو ته مارچ لڪي مروت کان شروع ٿي پشاور ۽ مردان تائين پهتو، پر اتي امن امان جي ڪهڙي ڀڃڪڙي ٿي؟
سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ الزام لڳايو ته حڪومت دهشتگردي بابت پاڻ غلط اڳڪٿي ڪئي، پنهنجو بيانيو جوڙيو ۽ پوءِ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو قدم کنيو.
ان کان اڳ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ٻي صورت ۾ وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو.
وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته ايمرجنسي يا گورنر راڄ جي اعلان کانپوءِ ماڻهو ترڪيءَ جو مثال ڏيڻ وساري ڇڏيندا.
هوڏانهن خيبر پختونخوا پوليس پرتشدد مظاهرن جي صورت ۾ طاقت استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته راولپنڊي ۽ مري ۾ هڪ مهيني لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس 13 آڪٽوبر تي گهرائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ لانگ مارچ تي قائم، خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ، فوج مقرر ۽ 11 رڪني مشاورتي ڪائونسل قائم

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article 12-10-2026
Next Article اسيمبليءَ جي منظوري کانسواءِ سنڌ جو ورهاڱو ناممڪن آهي: نثار کهڙو
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15 ورهين جي يتيم ٻار…

October 21, 2026

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15…

October 21, 2026

پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ۽ آبي حقن جي ڀڃڪڙي کي جنگي قدم سمجهندو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز…

October 21, 2026

پاڪستان جو ڀارت ۾ شيڊيول اوور 50 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027 ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اوور…

October 21, 2026

لاهور ۾ پوليس اهلڪار جي پارڪنگ ملازم کان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي چاقو جا وار ڪري ساٿي سوڌو فرار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پارڪنگ اسٽينڊ جي ملازم کان…

October 21, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

شهرين لاءِ خوشخبري، نادرا شام جي شفٽ به شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ڪراچي جي شهرين جي سهولت لاءِ خدمتن جي فراهمي ۾ واڌ جو فيصلو…

1 Min Read
پاڪستانتازھ ترينجنرلدلچسپدنيارانديونسائنس ٽيڪنالاجيشوبزصحيتعلاقائيڪاروبار

شهباز شريف جي چيني وزيراعظم سان ملاقات: گڏيل منصوبن تي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق

وزيراعظم شهباز شريف بيجنگ ۾ عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات ڪئي. انهي موقعي تي وفدن جي…

3 Min Read
پاڪستان

نوجوان نياڻي صدف مٿان ڪارنهن جو الزام لڳائي کيس گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، امڙ حفيظان خاتون ٻگهيو

لاڙڪاڻو(رپورٽ مريد سولنگي) لاڙڪاڻي ۾ تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ نئين گڏ ڪجھ ڏينهن اڳ مبينا ڪارنهن الزام تحت پيء هٿان…

1 Min Read
پاڪستان

72 ورهين جي ملائيشين فٽبال ليجنڊ 20 ورهين جي ناري سان شادي ڪري ورتي

ملائيشيا جي اڳوڻي فٽبال اسٽار داتوڪ عبده عليف 72 ورهين جي عمر ۾ پاڻ کان 52 سال ننڍي عمر جي…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?