لاهور( سجاد انور) گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو اڳ ئي ٿي چڪو هو. ڪجهه ڌرين جو خيال هو ته پي ٽي آءِ خيبر پختونخواهه ۾ سياسي ۽ انتظامي طور تي مسلسل تڪرار جو سبب بڻيل آهي، تنهنڪري ان کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ختم ڪرڻ گهرجي.سياسي ۽ عسڪري سوچ ۾ فرق هو. جيڪي ڌريون لانگ مارچ روڪڻ ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ چاهينديون هيون، انهن مان ڪجهه جو تعلق اسٽيبلشمينٽ جي سوچ سان هو، جڏهن ته سياسي اڳواڻ اهڙو قدم کڻڻ لاءِ تيار نه هئا.انهيءَ ڪري معاملو ڊگهو ٿيندو ويو. سياسي اڳواڻ ڳالهين ذريعي حل ڪڍڻ چاهيندا هئا، پر آخرڪار گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو.گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ کان پوءِ تمام جلدي ڪابينا جو اعلان ڪيو ويو، ڪيترائي صلاحڪار مقرر ڪيا ويا ۽ چيف سيڪريٽريءَ کي به تبديل ڪيو ويو.چيو پيو وڃي ته انهن مان ڪيترائي خيبر پختونخواهه جي اشرافيه سان تعلق رکن ٿا، ڪجهه اڳوڻين نگران حڪومتن جو حصو رهي چڪا آهن، جڏهن ته ٻه ڄڻا ايف بي آر جا سربراهه به رهي چڪا آهن.انهيءَ بنياد تي ڪجهه ماڻهو اهو تاثر ڏئي رهيا آهن ته ٽيڪنوڪريٽس تي ٻڌل انتظامي ڍانچي کي متعارف ڪرائڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي.محسن نقويءَ طرفان ”سسٽم ري سيٽ“ جي ڳالهه به اڳ ۾ ڪئي وئي هئي. هاڻي ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ لاڳو ڪيل انتظامي ڍانچو ان منصوبي جو پهريون مرحلو ٿي سگهي ٿو، جنهن کي مستقبل ۾ ملڪ جي ٻين حصن ۾ به لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.وفاقي گهرو وزير کان جڏهن پڇيو ويو ته ڇا انهن ضلعن کي الڳ انتظامي يونٽ بڻائڻ يا نوان صوبا ٺاهڻ جي منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي، ته سندس چوڻ هو ته اهو ڏکڻ پنجاب جهڙي انتظامي بندوبست جيان هوندو.پر ڪجهه حلقن کي خدشو آهي ته ان منصوبي جو تعلق به نظام جي نئين سر جوڙجڪ سان ٿي سگهي ٿو.گورنر راڄ جي آڙ ۾ ٽيڪنوڪريٽس جي مقرري ۽ انتظامي تبديليون ٿيڻ سبب هاڻي اهو بحث رڳو خيبر پختونخواهه تائين محدود نه رهيو آهي، پر سڄي ملڪ ۾ ان بابت سوال اٿاريا پيا وڃن.هڪ ٻيو اهم پهلو اهو به آهي ته هن فيصلي جو سياسي بار ڪنهن تي پوندو؟ڪجهه ماڻهو پيپلز پارٽيءَ تي تنقيد ڪري رهيا آهن ته صوبن ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي ذميواري ان تي به اچي ٿي. ساڳئي وقت وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس ڪابينا تي به ذميواري وڌي وئي آهي.جيڪڏهن اهو تجربو ناڪام ٿيو ته ان جو سياسي نقصان انهن کي برداشت ڪرڻو پئجي سگهي ٿو، جڏهن ته جيڪڏهن ان کي ڪامياب قرار ڏنو ويو ته ان جو ڪريڊٽ محسن نقويءَ کي ڏيڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي.جڏهن ته گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ جو فوري ردعمل ايترو وڏو نظر نه آيو، جيتري احتجاج جي اميد ظاهر ڪئي پئي وئي هئي.پي ٽي آءِ طرفان اڳ ۾ چيو پئي ويو ته گورنر هائوس جو گهيراءُ ڪيو ويندو، پر اطلاعن موجب هن وقت تائين اهڙي ڪا وڏي احتجاجي لهر نظر نه آئي هئي. پشاور ۾ ماڻهو ٻاهر نڪتا، مختلف ضلعن ۾ احتجاج ٿيا، پر احتجاج ڪندڙ واپس هليا ويا.پي ٽي آءِ لاءِ سياسي طريقي سان جواب ڏيڻ اهم آهي. جيڪڏهن اها سياسي حڪمت عملي اختيار ڪري ٿي ته ان لاءِ اڳتي به سياسي جدوجهد جا رستا موجود رهندا.پر جيڪڏهن ٻيهر 9 مئي جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پارٽيءَ جون مشڪلاتون وڌي سگهن ٿيون. ڪنهن به سياسي جماعت جو مڪمل طور تي ختم ٿي وڃڻ الڳ ڳالهه آهي، پر ان جي سياسي سرگرمين ۽ مستقبل تي ضرور اثر پئجي سگهي ٿو،هاڻي عوام سوال پڇي رهيو آهي ته ڇا امن امان بحال ٿيندو؟ڇا صوبي مان غيرقانوني طور رهندڙ افغان شهرين جي واپسيءَ جو عمل مڪمل ٿيندو؟ڇا اغوا ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي وڌندڙ وارداتن تي ضابطو آندو ويندو؟ڇا ڪلاشنڪوف ڪلچر جو خاتمو ممڪن ٿيندو؟ڇا قانون جي حڪمراني قائم ٿيندي؟خيبر پختونخواهه جا ماڻهو ڊگهي عرصي کان امن امان، جان ۽ مال جي تحفظ ۽ قانون جي بالادستيءَ جا منتظر آهن.هاڻي جڏهن گورنر راڄ لاڳو ٿي چڪو آهي ته عوام جون اميدون به وڌي ويون آهن. ماڻهو رڳو اعلان ٻڌڻ نٿا چاهين، پر عملي نتيجا ڏسڻ چاهين ٿا.جيڪڏهن نئون انتظامي بندوبست انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو ته پوءِ ان جي ڪارڪردگيءَ تي به سوال اٿندا.گورنر راڄ جي منظوريءَ لاءِ هر ٻن مهينن کان پوءِ پارليامينٽ ڏانهن وڃڻو پوندو. جيڪڏهن پي ٽي آءِ سياسي طريقي سان پنهنجو موقف پيش ڪندي رهي ته ان لاءِ جدوجهد جو رستو کليل رهندو.ٻئي پاسي هاڻي حڪومت وٽ اهو عذر به نه هجڻ گهرجي ته سول انتظاميا سيڪيورٽي ادارن سان سهڪار نٿي ڪري. گورنر راڄ کان پوءِ نئين انتظاميا قائم ٿي چڪي آهي، تنهنڪري عوام کي نتيجا ڏيکارڻا پوندا.پي ٽي آءِ لاءِ اهو اهم سياسي موقعو آهي. ان کي بائيڪاٽ ڪرڻ بدران پارليامينٽ ۾ ويهي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ گهرجي.پي ٽي آءِ کي گهرجي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پنهنجون تقريرون ڪري، عوام کي ٻڌائي ته سندس موقف ڇا آهي، ڪهڙين ڳالهين تي اعتراض آهي ۽ اڳتي ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي.حڪومت وٽ ٻنهي ايوانن ۾ اڪثريت موجود هجڻ سبب منظوري حاصل ڪرڻ جو امڪان آهي، پر ان کان پوءِ به سياسي مسئلا ختم نه ٿيندا.هو خدشو به ظاهر ڪيو ويو ته ايندڙ مرحلي ۾ سنڌ ۾ به اهڙو ئي قدم کنيو وڃي سگهي ٿو. پيپلز پارٽيءَ بابت اهو چيو پئي ويو ته اها گورنر راڄ جي حق ۾ نه هئي، پر جڏهن وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا منظوري ڏئي ٿي ته صدر لاءِ ان کي روڪڻ جي گنجائش به محدود ٿي وڃي ٿي،جڏهن ته ڪراچي بار ڪائونسل ۾ به خيبر پختونخواهه ۾ گورنر راڄ جي مخالفت ڪئي وئي ۽ اهو انديشو ظاهر ڪيو ويو ته مستقبل ۾ اهڙا قدم سنڌ ۾ به کڻي سگهجن ٿا.بنيادي ڳالهه اها آهي ته سياسي پارٽيون هاڻي هن معاملي کي رڳو پي ٽي آءِ جو مسئلو نٿيون سمجهن. انهن کي خدشو آهي ته جيڪڏهن اڄ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊيل حڪومت کي هٽائي گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو آهي ته مستقبل ۾ ڪنهن ٻئي صوبي سان به اهڙو ٿي سگهي ٿو.اڳ ۾ 28هين آئيني ترميم، اين ايف سي جي جوڙجڪ ۾ تبديلي ۽ نون صوبن بابت بحث ٿيندو رهيو آهي. انهن مان ڪجهه معاملن تي سياسي اتفاق راءِ پيدا نه ٿي سگهيو.ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ انهن معاملن کي اڳتي وڌائڻ چاهين ٿيون ۽ موجوده پارليامينٽ ذريعي انهن جي منظوري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي.پيپلز پارٽي اڳ ۾ به نون صوبن بابت ڪجهه تجويزن تي کليل اعتراض ڪندي رهي آهي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي اندر به ان معاملي تي مختلف موقف سامهون آيا آهن.مستقبل ۾ جيڪڏهن آئيني ترميمون يا نون صوبن بابت تجويزون پارليامينٽ ۾ آنديون ويون ته اتحادي پارٽين جي وچ ۾ اختلاف وڌيڪ نمايان ٿي سگهن ٿا.خيبر پختونخواهه ۾ گورنر راڄ جي معاملي سان سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، ايندڙ مهينن ۾ پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ تڪرار ڪهڙي رخ ۾ وڃي ٿو، اهو به اهم هوندو.
