ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي بلوچستان صوبي مان ايران سان واپارڪندڙ واپارين دعويٰ ڪئي آهي ته ايران کان درآمدات اڃا بند آهن، جڏهن ته برآمدات لاءِ سرحد عارضي طور کولي وئي آهي.
بي بي سي اردو جي رپورٽ موجب، بلوچستان جي سرحدي ضلعن ڪيچ ۽ چاغي جي ٻن سرڪاري اهلڪارن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي تصديق ڪئي آهي ته سرحد برآمدات لاءِ عارضي طور کوليو ويو آهي، پر ان حوالي سان سرڪاري سطح تي ڪو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿيو.
گوادر جي گبد-ريمدان سرحد تي پاڪستاني واپارين جي تنظيم جي چيئرمين عبدالغفور هوت ٻڌايو ته اڱاري ڏينهن منجهند کانپوءِ پاڪستاني اختيارين سرحد رڳو برآمدات لاءِ کولي، جڏهن ته ايران کان درآمدات تي پابندي برقرار آهي
. هن مطالبو ڪيو ته درآمدات لاءِ به سرحد کولي وڃي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ اها سهولت بحال ٿي ويندي.
ايران جي گهرو وزارت جي ترجمان علي زيني وند چيو آهي ته پاڪستان سان سرحدي ڏي وٺ جاري آهي ۽ ان ۾ ڪا رنڊڪ ناهي.
سندس چوڻ هو ته، ڪجهه فني، بنيادي ڍانچي ۽ مالي نظام سان لاڳاپيل مسئلا آهن، جن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
رپورٽ موجب، پاڪستاني اختيارين ڇنڇر ڏينهن ايران سان سرحدي واپار بند ڪري ڇڏيو هو، جنهن سبب ٻنهي پاسن کان وڏي انگ ۾ مال بردار گاڏيون ڦاسي پيون هيون.
ان کان اڳ ايراني نيم سرڪاري خابرو اداري فارس دعويٰ ڪئي هئي ته سرحدون ٻيهر کولڻ بابت اعلان باوجود اڱاري جي رات تائين سرحدي گذرگاهون بند هيون.
گوادر چيمبر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر شمس الحق موجب، ايران کان درآمدات بند ٿيڻ سبب ايل پي جي کڻي ايندڙ سوين گاڏيون ايراني پاسي بيٺل آهن.
هن چيو ته ايل پي جي جي فراهمي متاثر ٿيڻ سبب ڪراچي، لاهور سميت مختلف شهرن ۾ طلب ۽ رسد جو فرق وڌيو آهي، جنهن ڪري قيمتن ۾ به اضافو ٿيو آهي.
چاغي ضلعي جي سرحدي شهر تفتان سان تعلق رکندڙ واپاري اڳواڻ حاجي شوڪت عيسيٰ زئي دعويٰ ڪئي ته پاڪستان لاءِ ايل پي جي کڻي ايندڙ لڳ ڀڳ 1500 گاڏيون ايران واري پاسي بيٺل آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ايل پي جي جي استعمال جو 80 سيڪڙو ايران تي ڀاڙي ٿو.
واپارين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران سان سرحدي واپار وڌيڪ وقت بند رهيو ته ملڪ ۾ ايل پي جي جو بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو.
پاڪستان ايران سان برآمدات لاءِ سرحد کولي ڇڏي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
