اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر نبيـل گبول چيو آهي ته ڳالهيون ان ڪري ناڪام ٿيون، جو هڪ شخص افغانستان مان هدايتون ڏئي رهيو هو.
پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نبيـل گبول چيو ته هڪ غير سنجيدا شخص خيبرپختونخوا جي حڪومت ڪيرائي ڇڏي.
هن چيو ته سهيل آفريدي پنهنجي پير تي پاڻ ئي ڪهاڙي هنئي، ڊپ سبب هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي.
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جون ڳالهيون ڇو ناڪام ٿيون؟ افغانستان مان ڪير هدايتون ڏئي رهيو هو؟ نبيـل گبول اندروني ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
