لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ هيڊ ڪوچ مصباح الحق نيپال پريميئر ليگ سان سلهاڙجي ويو آهي ، جتي کيس ٽيم سُدرپشچم رائلز جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
ان موقعي تي مصباح الحق چيو ته سُدرپشچم رائلز جو حصو بڻجڻ تي هو تمام گهڻو پُرجوش آهي.
سندس چوڻ هو ته نيپال ۾ ڪرڪيٽ بابت وڏو جوش ۽ جذبو موجود آهي ۽ هو ان ماحول جو حصو بڻجڻ جو منتظر آهي.
واضح رهي ته نيپال پريميئر ليگ 26 آڪٽوبر کان 21 نومبر تائين کيڏي ويندي.
ياد رهي ته مصباح الحق پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا هيڊ ڪوچ رهي چڪو آهي ، جڏهن ته تازو ئي هو قومي سليڪشن ڪميٽي کان پڻ ڌار ٿي ويو هو
مصباح الحق نيپال پريميئر ليگ ۾ روزيءَ سان لڳي وَيو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
