واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا وٽ ايران جي اسلامي جمهوريه جي اختيارين ۽ اڳواڻن جون سموريون ڳالهيون ٻڌڻ جي صلاحيت موجود آهي.
آمريڪا ۾ مڊٽرم چونڊن کان اڳ هڪ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته ”يقينن اها ڳجهي ۽ راز واري ڳالهه آهي، پر هاڻي مون پاڻ ئي ان کي پڌرو ڪري ڇڏيو آهي.“
پنهنجي خطاب جي هڪ ٻئي حصي ۾ آمريڪي صدر ايران سان جنگ کي ”هڪ فوجي مشق“ قرار ڏنو.
ٽرمپ اهو به سوال ڪيو ته جيڪڏهن آبناءِ هُرمُز جو نالو مَٽائي ”آبناءِ ٽرمپ“ رکيو وڃي ته عرب ملڪن کي ڪيئن محسوس ٿيندو؟
سندس چوڻ هو ته ”اسان اهو ڪم آسانيءَ سان ڪري سگهون ٿا.“
ڀلا آبناءِ هُرمُز جو نالو مَٽائي ”آبناءِ ٽرمپ“ رکان ته عرب ملڪن کي ڪيئن محسوس ٿيندو؟
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
