واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيٽي ذڪريا کي عهدو سنڀالڻ جي هڪ هفتي کان به گهٽ عرصي اندر هٽايو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب،وائيٽ هائوس جي ٻن الڳ الڳ عهديدارن تصديق ڪئي آهي ته ڪيٽي ذڪريا کي عهدي تان هٽايو ويو آهي ۽ هوءَ پريس سيڪريٽري جون ذميواريون ڇڏي رهي آهي.
ڪيٽي ذڪريا سومر ڏينهن عهدو سنڀاليو هو، جڏهن ته اڱاري تي وائيٽ هائوس ۾ پهرين نيوز بريفنگ ڏني هئائين، پر عهدو سنڀالڻ کان پوءِ ئي کيس قانوني قابليت بابت سوالن ۽ نيوز بريفنگز توڙي انٽرويوز ۾ ڪارڪردگيءَ تي تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو.
تڪرار ان وقت شروع ٿيو، جڏهن پهرين پريس بريفنگ دوران هوءَ بار بار ڳالهائيندي اٽڪي پئي ۽ صحافين جي سوالن جا غير تسلي بخش جواب ڏيڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻي.
ان دوران هڪ صحافي کانئس پڇيو ته هن آمريڪا جي ڪهڙي رياست مان بار جو امتحان پاس ڪيو هو، جنهن تي هن جواب ڏنو: ”جڏهن مان چين منتقل ٿي هئس.“
آمريڪي ميڊيا جي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو ته ڪيٽي ذڪريا 2011ع ۾ پيپرڊائن يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ باوجود آمريڪا جي 50 رياستن يا ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا مان ڪنهن به بار ايسوسيئيشن جي رڪارڊ ۾ وڪيل طور درج ٿيل ناهي.
تنقيد وڌڻ کان پوءِ ڪيٽي ذڪريا اعتراف ڪيو ته هوءَ پهرين ڪوشش ۾ بار جو امتحان پاس نه ڪري سگهي هئي ۽ ان کان پوءِ ٻيهر امتحان به نه ڏنو هئائين.
ان کانسواءِ ، پهرين ئي پريس بريفنگ دوران ڪيٽي ذڪريا غلطيءَ سان پنهنجي مڙس کي ”منهنجا صدر“ چئي ويٺي.
تڪرار کان پوءِ صدر ٽرمپ جمعي ڏينهن صحافين کي ٻڌايو ته هن ذڪريا کي عهدي تي برقرار رکڻ واري فيصلي تي ٻيهر غور ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، ڇاڪاڻ ته شروعاتي ڏينهن ۾ کيس ميڊيا جي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو.
هينئر تائين وائيٽ هائوس ۽ ڪيٽي ذڪريا طرفان ان معاملي تي ڪو به ردعمل سامهون ناهي آيو.
وائيٽ هائوس ۾ ٽرمپ جي ترجمان ڪيٽي ذڪريا کان عهدو کسيو ويو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
