تهران(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جو چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير ايراني اڳواڻن سان ملاقات لاءِ تهران پهچي ويو آهي.
ايراني ميڊيا موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير سان گڏ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به ايران پهتو آهي.
واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان گڏ فيلڊ مارشل عاصم منير به ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي جي عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
جنگبندي کانپوءِ فيلڊ مارشل عاصم منير جو تهران جو هي پنجون سرڪاري دورو آهي.
ان کان اڳ 2 سيپٽمبر تي ايران جي دوري دوران هن صدر مسعود پزشڪيان، سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري محسن رضائي، پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف، پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ گهرو وزير سڪندر مومني سان ملاقاتون ڪيون هيون.
عاصم منير جي آمد کان هڪ ڪلاڪ اڳ ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته ملاقات جو بنيادي مقصد ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۽ گڏيل سهڪار کي مضبوط بڻائڻ آهي.
ايران-آمريڪا ڇڪتاڻ گهٽائڻ جون ڪوششون، فيلڊ مارشل تهران پهچي ويو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
