بينڊ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست اوريگن جي هڪ پرائمري اسڪول ۾ 16 ورهين جي نوجوان جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽن ٻارن ۽ هڪ استاد سميت چار ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته مقامي شخص جي فائرنگ ۾ مبينا حملي آور به مارجي ويو.
پوليس موجب، بينڊ شهر ۾ قائم سلور ريل ايليمينٽري اسڪول ۾ شڪي حملي آور خميس ڏينهن منجهند جو بند دروازن تي فائرنگ ڪري زبردستي اندر گهرڻ جي ڪوشش ڪئي.
بينڊ پوليس جي سربراهه مائڪ ڪرينٽز واقعي جي تصديق ڪئي.
پوليس سربراهه موجب هڪ مقامي شخص اسڪول اندر نوجوان جو پيڇو ڪيو، جنهن دوران نوجوان مارجي ويو، پوليس ٽن منٽن اندر واقعي واري هنڌ پهچي وئي.
واقعي ۾ مارجي ويل ٽن ٻارن جي عمر پنج، اٺ ۽ 11 سال هيون. جڏهن ته ستن ورهين جي هڪ ٻار ۽ 54 ورهين جي استاد کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو.
اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته مبينا حملي آور جو اسڪول سان ڪو تعلق هو يا نه.
واقعي کانپوءِ خميس ڏينهن شام جو بينڊ شهر ۾ سوين ماڻهن تعزيتي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي، جتي مقامي برادري گڏجي دعائون گهريون ۽ گيت ڳايا.
مقامي اسڪول ضلعي جي اعليٰ انتظامي عهديدار اسٽيون ڪڪ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته برادري هن سانحي سبب صدمي ۽ گهري ڏک ۾ ورتل آهي.
هن وڌيڪ چيو ته برادري جنهن ڏک مان گذري رهي آهي، ان کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ناهي.
آمريڪي اسڪول ۾ فائرنگ، حملو ڪندڙ سميت 5 ڄڻا مارجي ويا
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
