وفاقي حڪومت اسلام آباد جي سيڪيورٽي لاءِ صوبن کان مدد گهري ورتي. وفاقي حڪومت طرفان ڪابينه سيڪريٽري پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن کي خط لکندي ٽنهي صوبن کان گڏيل طور تي ساڍا 23 هزار پوليس اهلڪار طلب ڪيا ويا.
ڪابينه ڊويزن صوبن کان پوليس اهلڪارن جي دستيابي ۽ مقرري لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب مان 15 هزار، سنڌ مان 8 هزار، بلوچستان مان 500 پوليس اهلڪار اماڻيا ويندا. ٽنهي صوبن جي پوليس اهلڪارن کي 20 سيپٽمبر تائين اسلام آباد ۾ مقرر ڪيو ويندو.
