ڪراچي (رپورٽ: پير بخش نوناري)ڪراچي پاڪستان پيپلز پارٽي جو هڪ ٻيو واعدو پورو ٿي ويو. ضلعي ويسٽ، منگھوپير ٽائون جي يونين ڪميٽي 03 ۾ ڪرنل شير خان شهيد اسٽيڊيم ۽ اسپورٽس ڪمپليڪس جو باقاعده افتتاح ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد ڪيو.افتتاحي تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ويسٽ جي صدر عابد حسين ستي، انفارميشن سيڪريٽري ۽ سنڌ جي وزير بلديات جو فوڪل پرسن علي اڪبر ڪاڇيلو، يو سي 03 جي صدر عمران خان، ٽائون چيئرمين حاجي نواز بروهي، چيئرمين محمد يونس مينگل، ڊاڪٽر عزيز جمن دروان، زبيده اقبال، ڪرم الله واصي، مينر خٽڪ، يو سي 03 جي چيئرمين مفتي محمد خالد، فلڪ شير، فقير خان، گل اقبال، عبدالروف ڪاڇيلو، محبت شاهه، سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ فهد مسعود سميت مختلف سياسي جماعتن جي نمائندن، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جا خاص ٿورا مڃيندي چيو ته منگھوپير جهڙي علائقي ۾ جديد ۽ شاندار اسپورٽس ڪمپليڪس جي تعمير هڪ ساراههj جوڳو قدم آهي، جنهن سان نوجوانن کي راندين جون بهترين سهولتون ميسر ٿينديون ۽ راندين جي سرگرمين کي هٿي ملندي.ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جڏهن عوام سان ڪو واعدو ڪري ٿو ته ان کي پورو به ڪري ٿو. ڪرنل شير خان شهيد اسٽيڊيم ۽ اسپورٽس ڪمپليڪس جو افتتاح ان واعدي جي تڪميل آهي تقريب جي شرڪت ڪندڙن هن منصوبي کي منگھوپير جي نوجوانن ۽ عوام لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي خراج تحسين پيش ڪيو مهرباني پاڪستان پيپلز پارٽي، مهرباني چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مهرباني ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب.
