پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ خلاف اپوزيشن اتحاد جي اڳواڻن پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.
جمعي ڏينهن پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اپوزيشن اتحاد جي اڳواڻن خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ کي غير آئيني قرار ڏنو ۽ ان قدم خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچڪزئي وفاقي حڪومت تي غير آئيني قدم کڻڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته هو پشاور هاءِ ڪورٽ ان ڪري آيا آهن، ڇاڪاڻ ته ”چار ڪروڙ عوام جي حڪومت ختم ڪئي وئي آهي.“
محمود خان اچڪزئي چيو ته هي خاموش رهڻ جو وقت نه، پر عوام جي حڪمراني واري حق جي تحفظ جو وقت آهي.
هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سموريون سياسي قوتون ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل ڳولين ۽ اهڙي قومي پاليسي جوڙي وڃي، جنهن تحت سمورا ادارا پنهنجي آئيني دائري اندر ڪم ڪن.
هن دعويٰ ڪئي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي معاهدي لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، ماضيءَ ۾ نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو سان به ساڳيو رويو اختيار ڪيو ويو هو.
اچڪزئي چيو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير ۽ ڪيترن ئي چونڊيل نمائندن بابت ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته اها عوام ۽ چونڊيل ميمبرن جو آئيني حق آهي.
هن چيو ته صوبي جي معدني وسيلن تي پهريون حق اتان جي عوام جو آهي ۽ سمورين سياسي پارٽين کي ملڪ جي مفاد ۾ متحد ٿيڻ گهرجي.
ان کانپوءِ ڳالهائيندي محمود خان اچڪزئي چيو ته اپوزيشن پارٽين سان رابطا جاري آهن ۽ جلد ئي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ويندي.، استعيفائون ڏيڻ جو آپشن به غور هيٺ آهي.
هن چيو ته ڳالهين لاءِ اپوزيشن پنهنجا مطالبا پيش ڪري ڇڏيا آهن، جن ۾ آئين جي بالادستي، تڪراري آئيني ترميمن جي واپسي، پارليامينٽ کي اختيارن جو سرچشمو تسليم ڪرڻ ۽ شفاف چونڊن لاءِ آزاد ڪميشن جو قيام شامل آهن.
ان موقعي تي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر علامه راجا ناصر عباس الزام لڳايو ته ملڪ ۾ لاقانونيت عروج تي پهچي چڪي آهي ۽ موجوده نظام ناڪام ٿي ويو آهي.
هن چيو ته حڪمران عوام جي مئنڊيٽ ۽ احتجاج ڪرڻ جي حق کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ غربت وڌي آهي، تنهن هوندي به اپوزيشن پارٽيون پنهنجي سياسي جدوجهد جاري رکنديون.
اختر مينگل به پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪي عنصر پاڻ کي آئين جا محافظ قرار ڏين ٿا، انهن ئي آئين کي نقصان پهچايو آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته گورنر راڄ لاڳو ڪري هڪ صوبي تي دهشتگرديءَ جو الزام مڙهيو ويو آهي.
اختر مينگل چيو ته بلوچستان ۾ ڊگهي عرصي کان جاري سيڪيورٽي آپريشنن باوجود حالتون بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿيون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا جي چونڊيل وڏي وزير، اسيمبلي اسپيڪر ۽ ڪجهه وزيرن بابت معلومات دستياب ناهي. سندس چوڻ هو ته اهڙي طرز جو نظام گهڻو وقت هلي نه سگهندو.
خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ خلاف اپوزيشن اتحاد جي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
