اردن جي ڪرڪ صوبي جي علائقي ۾ واقع حمود گرجا گهر اندر ميت جون آخري رسمون ادا ڪرڻ دوران هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 40 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اردني اختيارين موجب، واقعي وقت گرجا گهر اندر ميت جون آخري رسمون جاري هيون ته هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن سبب جاني نقصان ٿيو.
اردن جي گهرو وزير مازن الفرايه موجب، حملي ۾ انتهاپسند ملوث هئا، پر هن وقت اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته انهن جو اردن اندر يا ٻاهر ڪنهن گروهه سان واسطو آهي.
ٻئي پاسي اردن جي وزيراعظم واقعي ۾ ٿيل جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته گرجا گهر تي حملو دهشتگرديءَ واري سوچ ۽ انڌي انتهاپسنديءَ جو نتيجو آهي.
