• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: بدين صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي جو لاڙ جي لعل درگاهه سيد سمن سرڪار جي 95هين عرس مبارڪ جو افتتاح ڪيو
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

بدين صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي جو لاڙ جي لعل درگاهه سيد سمن سرڪار جي 95هين عرس مبارڪ جو افتتاح ڪيو

admin
Last updated: October 27, 2026 12:50 pm
admin
Share
SHARE

بدين( ڊ ر محفوظ شاه )بدين سنڌ جي اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي گلاب لغاري ويجهو سنڌ جي تاريخي ماڳ اگهم ڪوٽ پهچي معصومه سنڌ بي بي ماهم بنت امام موسىٰ ڪاظم عليه السلام جي روضي مبارڪ تي چادر چاڙهي، جاري تعميراتي ڪم جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا غفلت هرگز برداشت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته روضي جي تعمير هر صورت ۾ جون 2027ع تائين مڪمل ڪئي وڃي ان موقعي تي سيڪريٽري اوقاف سنڌ آغا فاخر حسين ۽ چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف سنڌ مختيار علي ابڙو پڻ صوبائي وزير سان گڏ هئا. صوبائي وزير کي جاري ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ هن ڪم جي معيار، رفتار ۽ مقرر مدي اندر تڪميل کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو مذهبي معاملن واري ڪميٽي ۽ اوقاف کاتي پاران منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي چيو ته اهل بيت ۽ امامن جون قربانيون اسلامي تاريخ جو اهم باب آهن. بي بي ماهم بنت امام موسىٰ ڪاظم عليه السلام جي روضي مبارڪ تي سڄي دنيا مان لکين عقيدتمند ۽ زائرين حاضري ڀرڻ لاءِ اچن ٿا، تنهنڪري کين بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ اوقاف کاتي ۽ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي هن چيو ته سنڌ جي ٻين بزرگن ۽ اوليائن جي درگاهن تي به زائرين لاءِ سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. بي بي ماهم عليه السلام جي روضي جي تعمير سان گڏ زائرين جي رهائش لاءِ مسافر خانو، واش رومز، آر او پلانٽ ۽ درگاهه ڏانهن ويندڙ سمورن رستن جي تعمير ۽ بهتري کي پڻ يقيني بڻايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته علائقي جي چونڊيل نمائندن، ايم پي ايز جي مشاورت سان ترقياتي اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا، جيئن ملڪ جي مختلف حصن مان ايندڙ زائرين کي سهولتون ميسر ٿي سگهن.بعد ۾ صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي بدين ويجهو لاڙ جي مشهور روحاني ۽ تاريخي درگاهه سيد سمن سرڪار تي حاضري ڀري، مزار تي چادر چاڙهي 95هين عرس مبارڪ جو باقاعده افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هن فاتح خواني ڪئي ۽ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، خوشحالي، امن امان ۽ ترقي لاءِ خصوصي دعا گهري صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي صوفي بزرگن جي تعليمات محبت، رواداري، امن، انسانيت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏين ٿيون. درگاهن تي منعقد ٿيندڙ عرس مبارڪ سنڌ جي شاندار صوفي روايتن ۽ روحاني ورثي کي زنده رکڻ سان گڏ ماڻهن ۾ محبت ۽ اتحاد کي هٿي ڏيڻ جو اهم ذريعو آهن هن چيو ته درگاهه سيد سمن سرڪار تي هر سال وڏي انگ ۾ عقيدتمند حاضري ڀرين ٿا، جڏهن ته اهڙيون روحاني تقريبون سنڌ جي ثقافتي ۽ مذهبي سڃاڻپ کي وڌيڪ اجاگر ڪن ٿيون.
 

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران لاڙڪاڻي ۾ ضلع سطح تي منعقد ڪيل پي سي بي ٽيلنٽ ھنٽ اسڪولس ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ
Next Article بلاول ڀٽو جيالا فيڊريشن جي ڊويزنل صدر خالد حسين خاصخيلي جي شهر پريس ڪلب جي عهديدارن سان ملاقات
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ضلعي جي ڪاليجن طرفان نيب جي سهڪار سان ڪرپشن خلاف ڏھاڙو شاندار نموني سان ملهايو ويو

نوشهرو فيروز(رپورٽ عادل خان) ضلعي جي ڪاليجن طرفان نيب جي…

November 6, 2026

ضلعي جي ڪاليجن طرفان نيب جي سهڪار سان ڪرپشن خلاف ڏھاڙو شاندار نموني سان ملهايو ويو

نوشهرو فيروز(رپورٽ عادل خان) ضلعي جي…

November 6, 2026

صحافي اتحاد سانگهڙ جي سياسي ۽ سماجي شخصيت مرحوم رئيس الحبچايو نظاماڻي جي ياد ۾ هڪ تعزيتي اجلاس منعقد ڪيو ويو

سانگهڙ:رپورٽ (غلام رسول ناريجو )سانگهڙ پريس…

November 6, 2026

سکر: ”منهنجو گهر، منهنجو آشيانو“ اسڪيم تحت مسز ماروي پٺاڻ جي درخواست منظور، پنهنجي گهر جو خواب پورو ٿيڻ طرف اهم اڳڀرائي

سکر (رپورٽ عادل خان): حڪومت پاڪستان…

November 6, 2026

حيدرآباد جي صنعتي علائقن ۾ بجلي جي مسلسل ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي ڪاروباري سرگرمين لاءِ انتهائي ضروري آهي،نديم احمد صديقي

 حيدرآباد  (محبوب حسين بوزدار )  حيدرآباد…

November 6, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

قصور ويجهو ڀارتي بارڊر فورسز جي فائرنگ، 2 پاڪستاني شهري شهيد، هڪ زخمي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ سبب 2 غير هٿياربند پاڪستاني شهري شهيد ٿي ويا.سيڪيورٽي ذريعن…

1 Min Read
پاڪستان

ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگھوپيراطلاعات ۽ عوامي تعلقات کاتوپريس رليز

اريخ: 25 مارچ 2026ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگھوپير جي چيئرمين حاجي نواز علي بروهي جي صدارت هيٺ هڪ نهايت اهم ۽…

3 Min Read
پاڪستان

خيبرپختونخوا ۾ اتحادي حڪومت لاءِ ڪوششون، فيصل ڪريم ڪنڊي دلچسپي ظاهر ڪري ڇڏي

ڊي آءِ خان: خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوبي ۾ اتحادي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ دلچسپي ظاهر ڪندي چيو…

2 Min Read
پاڪستان

پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ جشنِ آزادي جون پروقار تقريبون، شاندار ريلي ۽ ثقافتي پروگرام منعقد

حيدرآباد : پاڪستان جي 79هين جشنِ آزادي جي موقعي تي پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي انتظاميا پاران قومي جذبي، حب الوطني…

4 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?