سانگهڙ ،رپورٽ غلام رسول ناريجو
پوري پاڪستان جيان سانگهڙ ۾ به ڪشميري عوام سان يڪجهتي ۽ ڀارتي ظلمن خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ سارا جاوید جي اڳواڻي م ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ سارا جاويد، اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ شفيق احمد آريسر ،چيئرمين ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ راشد اسلام مغل فيڊريشن آف ڪامرس جي اڳواڻ حاجي يامين قريشي پاران ميونسپل ڪميٽي آفيس کان پريس ڪلب چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ شفيق احمد آريسر، ڊي پي پي محمد ايوب لاڙڪ ۽ ٻين چيو ته ريلي جو مقصد والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ۽ انهن جي حق خود اراديت جي حمايت ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي سطح تي ڀارت جي ناپاڪ ارادن کي بي نقاب ڪرڻ آهي پاڪستان جا ماڻهو ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهن ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ هميشه انهن سان گڏ رهندا. انهن چيو ته عالمي برادري ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي ۽ گڏيل قومن جي قرارداد تي عمل درآمد ڪرائي ۽ ڪشميري عوام کي ڀارتي فوج جي غير قانوني قبضي کان آزاد ڪرائي.
پاڪستان جا ماڻهو ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهن ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ هميشه انهن سان گڏ رهندا،ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ سارا جاويد
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
