نوشهروفيروز (رپورٽ عطا حسين)مورو ۾ عدم تشدد، حب الوطني جي فروغ ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ سيمينار، شاگردن ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت سنڌ جي سماجي ڀلائي کاتي، تعلقه مورو پاران سماجي تنظيم اين يو پي او (iHC) جي سهڪار سان عدم تشدد جي روڪٿام، حب الوطني جي جذبي کي هٿي وٺرائڻ ۽ نوجوانن کي منشيات سميت ٻين منفي رجحانن کان محفوظ رکڻ لاءِ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن، شهرين ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ خاص مهمانن طور نوشهروفيروز جي سماجي ڀلائي کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شهباز سهتو، ارباب علي اجن ۽ مورو جي ڊي ايس پي ڊاڪٽر فائزه سوڍر شرڪت ڪئي، جڏهن ته زيڊ انسٽيٽيوٽ جي شاگردن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي سيمينار کي خطاب ڪندي مورو جي ڊي ايس پي ڊاڪٽر فائزه سوڍر چيو ته نوجوان ڪنهن به معاشري جو قيمتي سرمايو ۽ ملڪ جو روشن مستقبل هوندا آهن. نوجوانن ۾ حب الوطني، قانون جي پاسداري، برداشت ۽ مثبت سوچ کي هٿي وٺرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت منشيات جي روڪٿام، نوجوان نسل کي نشي آور شين کان محفوظ رکڻ ۽ معاشري مان منفي رجحانن جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پڻ ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پرامن ۽ صحتمند معاشري جي قيام لاءِ ضروري آهي ته نوجوانن کي منشيات ۽ تشدد جهڙن رجحانن کان پري رکيو وڃي ۽ کين تعليم، شعور، مثبت سرگرمين ۽ قومي خدمت ڏانهن راغب ڪيو وڃي. ان مقصد لاءِ والدين، استادن، سماجي تنظيمن ۽ معاشري جي سمورن طبقن کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي نوشهروفيروز جي سماجي ڀلائي کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شهباز سهتو، ارباب علي اجن ۽ تعلقه مورو جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد آصف خٽڪ شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا جي هدايتن تحت سماجي ڀلائي کاتو معاشري ۾ مثبت رجحانن کي هٿي وٺرائڻ، عدم تشدد جو پيغام عام ڪرڻ ۽ نوجوان نسل کي منشيات سميت ٻين سماجي براين کان محفوظ رکڻ لاءِ آگاهي سرگرميون جاري رکيو پيو اچي. مقررین چيو ته نوجوانن کي منفي سرگرمين کان پري رکڻ لاءِ تعليم ۽ تربيت سان گڏ آگاهي پروگرامن جو انعقاد پڻ انتهائي ضروري آهي. اهڙا سيمينار نوجوانن ۾ قومي ذميواري، حب الوطني، برداشت، باهمي احترام ۽ سماجي شعور کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. سيمينار جي شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته معاشري ۾ امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جي فروغ، منشيات جي روڪٿام ۽ نوجوان نسل جي مثبت رهنمائي لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ويندو. سيمينار جو بنيادي مقصد نوجوان نسل ۾ حب الوطني جي جذبي کي مضبوط بڻائڻ، عدم تشدد جو پيغام عام ڪرڻ ۽ منشيات سميت ٻين منفي سماجي رجحانن خلاف شعور بيدار ڪرڻ هو.
مورو ۾ عدم تشدد، حب الوطني جي فروغ ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ سيمينار، شاگردن ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
