ڀرياسٽي ( ن پاڪ سوچ )ڀرياسٽي جي ڳوٺ صوڀو بروھي ديھ راجو ڪيريو واسي 60 سالا پيرسن عورت مسمات شھزادي زال محمد بخش بروھي ڪالھ ڀرياسٽي مان اوچتو لاپتا ٿي وئي وارثن پاران ھر ھنڌ ڳولا باوجود پيرسن عورت جو ڪٿي به ڏس پتو نه پئجي سگھيو وارثن جو ايس ايس پي نوشھروفيروز ، ڊي ايس پي ڀريا ، ايس ايڇ او ڀريا سميت ٻين وس وارن کان پيرسن عورت جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ان سلسلي ۾ مبينا طور لاپتا ٿيل ويل پيرسن عورت شھزادي بروھي جي ڀاء جمع خان بروھي ، پاندي خان بروھي ، سؤٽ منظور احمد بروھي ، پٽ شھباز بروھي ۽ ٻين ڀرياسٽي پريس ڪلب پھچي پيرسن عورت جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي ان موقعي تي منظور احمد بروھي ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته گذريل ڏينھن پنھنجي پيرسن سؤٽ ڀيڻ سان گڏجي ڀرياسٽي ۾ گھر جو سامان وٺڻ لاء آيا سين ته ڀيڻ کي روھڙي ڪئنال پل لڳ دڪانن ڀرسان ويھاري مان شھر مان سامان وٺي واپس پھتس ته پيرسن عورت اتي موجود نه ھئي جنھن بعد مون سندس پٽن ۽ ٻين گھر ڀاتين کان پڇا ڪئي پر ڪوبه ڏس پتو نه پيو ان سلسلي ۾ مبينا لاپتا ٿيل عورت جي ڀاء جمع خان بروھي ٻڌايو ته ڀيڻ 60 سالن جي پيرسن عورت آھي جنھن جا ٻه آپريشن ٿيل آھن ۽ سندس دماغي توازن به درست ناھي ڀيڻ کي 8 ٻارن جو اولاد آھي ، اسان جي ڪنھن سان به دشمني وغيره نه آھي ۔ ڀيڻ کي مٽ مائٽن سميت ھر ھنڌ ڳولا ڪئي آھي ، ڀرياسٽي شھر ۾ پڙھا به ڏياريا آھن ان باوجود سندس ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه پئجي سگھيو آھي ھنن ايس ايس پي نوشھروفيروز ، ڊي ايس پي ڀريا ، ايس ايڇ او ڀريا ، سماجي تنظيمن سميت اعلي اختيارين کان پرزور اپيل ڪندي مطالبو ڪيو ته سندن مبينا طور لاپتا ٿيل پيرسن عورت جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي ۔
ڀرياسٽي جي ڳوٺ صوڀو بروھي واسي مسمات شھزادي زال محمد بخش بروھي اوچتو لاپتا ٿي وئي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
