حيدرآباد(محبوب حسين. بوزدار بيوروسندھ) حيدرآباد آپڪاسنڌ امن گروپ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري شاهد سومري ۽ ٻين طرفان ريحان ڪلمي ريجنل ڊاريڪٽرنيشنل بينڪ آف پاڪستان سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري ڪوٽڙي برانچ طرفان هولڊنگ جي سبب ڄاڻائي ملازمن جا هزارين روپيا روکڻ جي شڪايت ڪئي هنن چيو ته پگهار سرڪاري ملازمن جو معاشي زريعو آهي جنهن کي هولڊنگ جي نالي تي بنا جواز روکڻ جو ڪو جواز ناهي ۽ ملازم کي پريشان ڪيو پيو وڃي ڪالھ کان۽ ملازم ڪوٽڙي برانچ ۾ پريشان آهن جنهن تي ريجنل ڊاريڪٽر ريحان ڪلمي بروقت ڪوٽڙي برانچ جي مينجر کي ڪال ڪري هولڊنگ جي آڙ ۾ بند ڪيل پيسا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري مسئلو حل ڪرايو انهي موقعي تي آپڪا امن گروپ جي اڳواڻن شاهد سومري سرفراز علي راجپوت ريجنل مينجر نيشنل بينڪ آف پاڪستان حيدرآباد جو شڪريو ادا ڪيو جنهن جي سهڪارسان ملازمن سان ٿيندڙ ناجائزي جو ازالو ٿي سگهيو۔ هنن چيو نيشنل بينڪ جا سڀ اڪاونٽ هولڊر آهيون پر ملازمن کي ڪا تڪليف پيش اچي ته ريجنل ڊاريڪٽر حيدرآباد جي فرض شناس آفيسر ريحان ڪلمي جا دروازه هر ڪنهن لا۽ کليل آهن۔
حيدرآباد آپڪاسنڌ امن گروپ جي شاهد سومري جي ريحان ڪلمي سان سندس آفيس ۾ ملاقات
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
