ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص حيدرآباد روڊ تي ڪيفي شيراز هوٽل ڀرسان روحل سيلون جي دڪان جي مرمتي ڪم دوران بلدياتي عملي ۽ صحافي وچ ۾ پيش آيل واقعي بابت صحافتي حلقن پاران غيرجانبدار جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.صحافي شوڪت مشتاق پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته هو اتان گذري رهيو هو ته هن ڏٺو ته بلدياتي آفيسر ۽ عملو موقعي تي موجود هئا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو وڊيو پڻ ٺاهي رهيا هئا. ان دوران هن به صحافي طور پنهنجي موبائل فون ذريعي واقعي جي ڪوريج شروع ڪئي.شوڪت مشتاق موجب، دڪان جي مالڪ ۽ بلدياتي انتظاميا وچ ۾ مبينا طور ان ڳالهه تي تڪرار ٿي رهيو هو ته اجازت کانسواءِ روڊ جي کوٽائي ڇو ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ آهي ته ان دوران بلدياتي عملي ۾ شامل انيس الرحمان سيال، عبدالسلام ميمڻ ۽ ٻين اهلڪارن مبينا طور ڪاوڙ ۾ اچي ساڻس بدتميزي ڪئي ۽ سندس موبائل فون کسي ورتو.صحافي شوڪت مشتاق جو چوڻ آهي ته هن عملي کي ٻڌايو ته صحافي طور کيس سوال ڪرڻ ۽ ٻنهي ڌرين جو موقف وٺي غيرجانبدار خبر عوام تائين پهچائڻ جو حق حاصل آهي، پر سندس بقول ان باوجود کيس مبينا طور هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته صحافي جو فرض آهي ته حقيقتون عوام آڏو آڻي.ٻئي طرف، هن معاملي بابت بلدياتي عملي جو موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي. صحافتي حلقن مطالبو ڪيو آهي ته لاڳاپيل اختياريون واقعي جي غيرجانبدار جاچ ڪرائين، سڀني ڌرين جو موقف ٻڌن ۽ جيڪڏهن ڪنهن اهلڪار پاران اختيارن جي ناجائز استعمال يا نامناسب رويي جي تصديق ٿئي ته قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.
ميرپورخاص ۾دڪان جي مالڪ ۽ بلدياتي انتظاميا وچ ۾ مبينا طور ان ڳالهه تي تڪرار ٿي رهيو هو ،صحافي شوڪت مشتاق
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
