کوٽڏيجي (رپورٽ ڪفايت علي ھاليپوٽو)، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير منظور حسين وسان جي وسان هائوس ڪوٽ ڏيجي آمد جي موقعي تي ضلعي خيرپور جي مختلف تحصيلن سان تعلق رکندڙ سوين پارٽي ڪارڪنن ان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڪارڪنن پنهنجن مسئلن، تڪليفن ۽ عوامي نوعيت جي شڪايتن کان آگاهه ڪيو، جن کي منظور حسين وسان ڌيان سان ٻڌو ۽ ڪيترن ئي مسئلن جي حل لاءِ موقعي تي ئي لاڳاپيل عملدارن کي بالڪل ضروري حڪم جاري ڪيا.ان موقعي تي ڪارڪنن سان گفتگو ڪندي منظور حسين وسان چيو ته عوام سان رابطو، ڪارڪنن جي حوصلا افزائي ۽ ماڻهن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش ڪرڻ سندس سياسي جدوجهد جو اهم حصو آهي. هن چيو ته اقتدار ۾ هجي يا اقتدار کان ٻاهر، عوام سان پنهنجو تعلق برقرار رکندو ۽ انهن جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پنهنجون بهرپور ڪوششون جاري رکندو.
اقتدار ۾ هجي يا اقتدار کان ٻاهر، عوام سان پنهنجو تعلق برقرار رکندو ،منظور حسين وسان
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
