شڪارپور (رپورٽ: رپورٽ: مومن علي مهر) شڪارپور جي مصروف ترين علائقي رستم چوڪ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳڙهي ياسين جو اڳوڻو ايس ايڇ او نهال بروهي شهيد ٿي ويو. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته هٿياربند آسانيءَ سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. واقعي واري هنڌ کان ٿوري ئي پنڌ تي رستم موڙ چوڪي موجود هجڻ باوجود هٿياربندن جو فرار ٿي وڃڻ شهر جي سيڪيورٽي انتظامن بابت ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.واقعي بابت مليل ڄاڻ موجب اڳوڻو ايس ايڇ او نهال بروهي رستم چوڪ تي موجود هو ته هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو شهيد ٿي ويو. واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته جوابدارن جي سڃاڻپ ٿيڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي وئي آهي.
ايس ايڇ او فوجداري خليل رند دعويٰ ڪئي آهي ته شهيد ايس ايڇ او نهال بروهي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي ۽ جلد انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته نهال بروهي هڪ بهادر پوليس جوان هو، جيڪو مختلف ٿاڻن تي ايس ايڇ او طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي چڪو هو. هن پنهنجي نوڪري دوران ڏوهارين سان ڪيترائي مقابلا ڪيا ۽ ڏوهارين خلاف ڪاررواين ۾ سرگرم رهيو.ايس ايڇ او خليل رند موجب نهال بروهي جي ڏوهارين خلاف ڪاررواين سبب پلاند ۾ کيس شهيد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي ۽ جلد ڪارروائي ڪئي ويندي. تنهن هوندي به واقعي جي اصل سببن ۽ جوابدارن جي ملوث هجڻ بابت حتمي حقيقتون پوليس جي جاچ ۽ قانوني ڪارروائي کانپوءِ سامهون اچي سگهنديون.
هوڏانهن شهيد ايس ايڇ او نهال بروهي جي والد محمد عمر بروهي کي پٽ جي شهادت جو اطلاع ملڻ کانپوءِ سخت صدمو پهتو. ڄاڻ موجب هو سول اسپتال شڪارپور ۾ موجود هو، جتي کيس دل جو دورو پيو. سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٿيڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لاءِ شڪارپور مان سکر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.نهال بروهي جي شهادت سبب سندس خاندان، پوليس کاتي ۽ علائقي واسين ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي. هڪ طرف بهادر پوليس اهلڪار جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي، ته ٻئي طرف ڏينهن ڏٺي جو شهر جي مصروف ترين چوڪ تي اهڙي واقعي ۽ جوابدارن جي فرار ٿيڻ تي شهرين ۾ ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي.شهرين مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ شڪارپور شهر سميت اهم چوڪن ۽ حساس هنڌن تي سيڪيورٽي جا انتظام وڌيڪ سخت ڪيا وڃن، جيئن شهرين ۽ پوليس اهلڪارن جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.
شڪارپور ۾ اڳوڻو ايس ايڇ او نهال بروهي رستم چوڪ تي سرعام قتل، جوابدارن جي سڃاڻپ ٿيڻ جي دعويٰ، ايس ايڇ او خليل رند
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
