صوبھوديرو(رپورٽر منصور علي مشوري)فرض شناس آفيسر ايس ايڇ او فريد ڊيرو پاران ڊي ايس پي مورو ڊاڪٽر فائزه سوڍر صاحبه کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي لونگي پارائي شاندار ڀيٽا پيش فرض شناسي، بهترين اخلاق ۽ پوليس خدمتن جي ميدان ۾ پنهنجي سڃاڻپ رکندڙ ڊي ايس پي مورو ڊاڪٽر فائزه سوڍر صاحبه جي مورو مان بدلي ٿيڻ تي سندن اعزاز ۾ منعقد ڪيل الوداعي پارٽيءَ دوران محبت، عزت ۽ احترام جو شاندار اظهار ڪيو ويو.
ان موقعي تي فرض شناس آفيسر، مائٽ سائين ايس ايڇ او فريد ڊيرو، چاچا رمزعلي وساڻ صاحب جن، ڊاڪٽر فائزه سوڍر صاحبه کي سنڌ جي ثقافت جي خوبصورت سوکڙي لونگي پارائي مانُ، محبت ۽ عزت سان ڀيٽا پيش ڪئي.هي خوبصورت روايت سنڌ جي ثقافتي ورثي، مهمان نوازي ۽ اعليٰ قدرن جي عڪاسي ڪري ٿي. ڊاڪٽر فائزه سوڍر صاحبه کي مانائتي انداز ۾ الوداع ڪرڻ وارو هي عمل سنڌي ثقافت ۽ آفيسرن جي عزت افزائيءَ جو هڪ بهترين مثال آهي.ڊاڪٽر فائزه سوڍر صاحبه لاءِ نيڪ تمنائون پيش ڪيون ويون ته هوءَ مستقبل ۾ به پنهنجي فرض شناسي، محنت ۽ خلوص سان عوام جي خدمت ڪندي ڪاميابين جون نيون منزلون ماڻيندي رهي.
سنڌ جي ثقافت زنده باد، محبت ۽ ڀائپي قائم باد
ڊي ايس پي مورو ڊاڪٽر فائزه سوڍر صاحبه کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي لونگي پارائي شاندار ڀيٽا پيش
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
