مٽياري (رپورٽ: شير محمد جمالي)
گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول دادلو حاجاڻو ۾ داخلا مهم 2025-26 جي حوالي سان ”پڙهندي سنڌ، ته وڌندي سنڌ“ جي عنوان هيٺ آگاهي پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد والدين ۾ تعليم جي اهميت بابت شعور پيدا ڪرڻ ۽ اسڪول کان ٻاهر رهجي ويل ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ هو.
پروگرام کي خطاب ڪندي تعليمي اڳواڻن چيو ته تعليم معاشري جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو بنيادي ذريعو آهي. هر ٻار کي تعليم ڏيارڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هنن والدين تي زور ڀريو ته پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائين ته جيئن سنڌ جو مستقبل روشن بڻائي سگهجي.
پروگرام ۾ محترم غلام شبير ميمڻ، طلعت حسين خاصخيلي، محمد اشرف جمالي، اظفر سعيد، امتياز علي خاصخيلي، منظور حسين ڏاهري، سيد عبدالقادر شاه، الهه بچايو ڏيتو، شير محمد جمالي، غلام قادر حاجاڻو، منور علي شاه، محمد امين جت، مشتاق حسين انڙ، لياقت علي خاصخيلي ۽ غلام مصطفيٰ ساند سميت ٻين تعليمي اڳواڻن ۽ استادن شرڪت ڪئي.پروگرام جي پڄاڻيءَ تي ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته داخلا مهم کي ڪامياب بڻائڻ، هر ٻار تائين تعليم پهچائڻ ۽ سنڌ ۾ تعليمي شعور کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديون.
مٽياري: گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول دادلو حاجاڻو ۾ داخلا مهم بابت آگاهي پروگرام
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
