لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد نادرا آفيس ڀرسان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن مبينا طور چنگچي رڪشي مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب شهر جي بندر روڊ واري علائقي جي رهواسڻ عورت بلقيس چنجڻي سخت زخمي ٿي پئي، اطلاع تي پوليس پهچي زخمي عورت کي کڻائي ٽراما سينٽر پهچايو، جتي ڊاڪٽرن پاران سندس علاج هلندڙ آهي. ان موقعي تي زخمي عورت بلقيس چنجڻي ميڊيا آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته ملڪيت جي معاملي تان مونکي پنهنجي پٽ محمد علي لاشاري پنهنجي دوست فرحان لاشاري سان گڏجي گوليون هڻي زخمي ڪيو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته مون مٿان حملو ڪندڙ پٽ ۽ سندس دوست خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن سول لائين پوليس جو چوڻ هيو ته شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ڪجھ وقت اڳ عورت جو اڳوڻو مڙس اياز چنجڻي قتل ٿيو هيو، جنهن جو الزام عورت جي مٿان هيو، جيڪا ڪجھ عرصو ڪراچي جي جيل ۾ قيد ڪاٽڻ بعد آزاد ٿي هئي، جنهن کان پوءِ عورت بلقيس ٻي شادي پڻ ڪري ڇڏي هئي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هيو ته ٻڌايو پيو وڃي ته واقعو اياز چنجڻي واري مسئلي تان پيش آيو آهي، وڌيڪ واقعي جي جاچ ڪرائي پئي وڃي، جلد سڀئي حقيتون سامهون آڻي ملوث جوابدارن کي پڻ قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.
