سنڌ، سانگهڙ، رپورٽ غلام رسول ناريجو
خصوصي ماڻهن جي هر ممڪن ڀلائي لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون.
ڊپٽي ڪمشنر ساره جاويد
سانگهڙ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ساره جاويد چيو آهي ته ضلعي انتظاميه خاص ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهبود لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ اها ڪوشش آهي ته کين ملازمتن ۾ بنا ڪنهن فرق جي سندن جائز حق فراهم ڪيا وڃن.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر عبدالمجيد زهراڻي سان گڏ خاص ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم آشا هينڊز انڊيپينڊنس لیونگ سينٽر جي وفد سان ملاقات دوران اطلاعات کاتي سان ڳالهائيندي ڪيو.
آشا هينڊز انڊيپينڊنس لِونگ سينٽر سانگهڙ جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر ممتاز علي منگي جي اڳواڻي ۾ وفد ڊپٽي ڪمشنر سان ملاقات ڪئي ۽ سنڌ چيريٽي ڪميشن جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ساره جاويد جي سهڪار تي خاص ٿورا مڃيا.
ان موقعي تي ممتاز علي منگي اداري جي جاري سرگرمين، ڪميونٽي سطح تي شروع ڪيل پروگرامن ۽ خاص ماڻهن جي شموليت خودمختياري ۽ حقن جي تحفظ لاءِ جاري پروگرامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
ڊپٽي ڪمشنر وفد کي يقين ڏياريو ته خاص ماڻهن جي حقن جو تحفظ ڪندي سنڌ ايمپاورمينٽ آف پرسنز وِٿ ڊس ايبلٽيز ايڪٽ 2018ع تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته خاص ماڻهن کي هنر مند بڻائڻ ۽ کين ٻيون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن.
ان موقعي تي آشا هينڊز انڊيپينڊنس لِونگ سينٽر جا ٻيا نمائندا پڻ موجود هئا.
ضلعي انتظاميه خاص ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهبود لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ اها ڪوشش آهي ته کين ملازمتن ۾ بنا ڪنهن فرق جي سندن جائز حق فراهم ڪيا وڃن.سانگهڙ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ساره جاويد
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
