حیدرآباد(محبوب حسین بوزدار بیوروسندھ)يونين ڪميٽي 127حسين آباد جي نيو وحدت ڪالوني جا ايچ ٽائپ سرڪاري ڪواٽر جي ڊرينيجسسٽم بند هجڻ ڪري مين هولن ۾ ڪيڙا پئجي ويا آهن ۔ هر طرف بدبو جو ماحول آهي ۔گٽرن جي صفائي لا۽ ڪو هڪ سوئيپر تائين نيو وحدت ڪالوني ۾ مقرر تائين ناهي۔چار سالن کان۽ حيدرآباد جي سرڪاري ڪالونين جا فنڊز پراونشنل بلڊنگ کاتي جا فنڊز بند هجڻ ڪري نيو وحدت ڪالوني ۽ٻيون سرڪاري ڪالونيون لاوارث بڻجي ويون آهن۔ انتظاميا سرڪاري ڪالونين جي مسئلن تي ڪا توجه نٿيون ڏين۔ نيو وحدت ڪالوني جو ايچ ٽائپ جو ڊرينيج ڏيڏ مهئني کان۽ بند هجڻ ڪري گندگي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي۔گٽرن جي صفائي لا۽ ڪو به سوئيپر ناهي۔ چار سال کان۽ مينڊسپوزل مشين چوري ٿيڻ ڪري نيو وحدت ڪالوني جا راهواسي آزار ۾ آهن ۔ گندگي نيو وحدت ڪالوني جي راهواسين جو مقدر بڻجي وئي آهي ۔ سنڌ حڪومت سرڪاري ڪالونين جا جائز مسئلا آخر ڪڏهن حل ڪندي ۔اها ڳالھ۽چئير مين نيو وحدت ڪالوني ايڪشن ڪميٽي چئير مين شاهد سومري ايچ ٽائپ ۾ گٽر بند هجڻ خلاف احتجاج ڪندي پريس بيان ۾ ڪئي آهي ۔ هنن چيو ته ڪيترن ڏيهن کان۽ عذاب واري صورتحال مبتلا آهيون پر ڪير به اسانجي جائز مسئلي کي حل ڪرڻ لا۽تيار ناهي ۔ هنن چيو ته ڪالوني جا سمورا مين هول تباھ ٿي چڪا آهن ۔ ڌڪ تائين ناهن انهن مين۔هولن مٿان جنهن ڪري سموري ڪالوني ۾ بدبو جو ماحول آهي ۔ نيو وحدت ڪالوني جي ڪواٽر جو واحد محصوم ٻارن جو پارڪ پڻ 15سال کان۽ تباهي جو شڪار آهي ۔۽نيو وحدت ڪالوني جارستا توڙي گهٽيون کنڊرات ۾ تبديل آهن جن کي پيور فرشن نه پيو ڪيووڃي ۔هنن سنڌ حڪومت کان۽ گهر ڪئي آهي نيو وحدت ڪالوني سميت حيدرآباد جي سرڪاري ڪالونين جا جائز مسئلا حل ڪرڻ لا۽ فنڊز مهيا ڪيا وڃن ۽ صفائي لا۽ سرڪاري سوئيپر مقرر ڪري انصاف ڪيو وڃي ۔
