دادو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر: مختيار علي جتوئي)
دادو رابطا ڪاميٽي سول سوسائٽي پاران شروع ڪيل ميمبرسازي مهم تحت سينيما چوڪ دادو سامهون لڳايل ميمبرسازي ڪئمپ ٻئي ڏينهن، آچر 01 نومبر 2026ع تي به جاري رهي. ٻن ڏينهن دوران ڪالهه ۽ اڄ سميت تنظيم ۾ شامل ٿيندڙ نون ميمبرن جو انگ وڌي 170 تائين پهچي ويو.ميمبرسازي ڪئمپ جي اڳواڻي ڪاميٽي جي مرڪزي عهديدارن ڪئي، جتي تنظيم ۾ شموليت لاءِ ايندڙ شهرين ۽ ساٿين کي ڀليڪار ڪندي سندن ميمبرشپ فارم ڀرايا ويا ۽ کين تنظيم جو حصو بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني وئي.
ان موقعي تي دادو رابطا ڪاميٽي سول سوسائٽي جي مرڪزي چيئرمين غلام مصطفىٰ جانوري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو انهن سمورن دوستن ۽ شهرين جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهن، جن ڪئمپ ۾ شرڪت ڪري خوشيءَ سان تنظيم جي ميمبرشپ حاصل ڪئي ۽ سندن هٿ مضبوط ڪيا.هن چيو ته دادو جي شهرين مان جيڪا اميد رکي هئي، شهرين جي ڀرپور موٽ ان اميد تي پورو لٿي آهي، جنهن جو نتيجو ٻن ڏينهن اندر 170 نون ميمبرن جي شموليت جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. نون ميمبرن جي شموليت سان تنظيم اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿي آهي.غلام مصطفىٰ جانوري وڌيڪ چيو ته کين اميد آهي ته دادو جا شهري مستقبل ۾ به اهڙي ئي ڀرپور نموني ساٿ ڏيندا، جيئن گڏجي شهر ۽ تعلقي جي بنيادي حقن لاءِ منظم جدوجهد ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪاميٽي جو مقصد عوام جا بنيادي مسئلا، ڏک ۽ تڪليفون لاڳاپيل اختيارين ۽ ايوانن تائين پهچائڻ ۽ شهرين جا جائز مطالبا مڃرائڻ لاءِ هڪ مضبوط گڏيل آواز بڻجڻ آهي.ان موقعي تي دادو رابطا ڪاميٽي سول سوسائٽي جي اڳواڻن مرڪزي سيڪريٽري مختيار علي جتوئي، ذوالفقار انڙ، فاروق جتوئي، مراد علي جتوئي، عاشق گوپانگ، محمد اسحاق ٻٻر، وسيم سومرو، عرفان شاهه، سيد عبدالغفور شاهه، انور علي ٻرڙو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا
دادو رابطا ڪاميٽي سول سوسائٽي جي ميمبرسازي ڪئمپ ٻئي ڏينهن به جاري، نون ميمبرن جو انگ 170 تائين پهچي ويو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
