بدين (ڊر محفوظ شاه )بدين صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس ضلعي بدين پاران پيپلز اسڪول بدين ۾ ڪم واري هنڌ عورتن کي هراسان ٿيڻ کان تحفظ واري قانون بابت آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پيپلز اسڪول جي فيميل ٽيچرز شاگردياڻين ۽ ٻي اسٽاف وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي سيمينار کي خطاب ڪندي ضلعي صلاحڪار آفيسر ۽ رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سليم رضا بلوچ چيو ته ڪم واري هنڌ عورتن کي هراسان ٿيڻ کان تحفظ وارو قانون 2010ع ۾ پارليامينٽ پاران منظور ڪيو ويو، جنهن جو مقصد ڪم ڪندڙ عورتن کي هراسان ٿيڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ ادارن ۾ باوقار ماحول کي يقيني بڻائڻ آهي هي ايڪٽ سمورن سرڪاري توڙي خانگي ادارن تي هڪ جيترو لاڳو آهي ڪم واري هنڌ هراسان ڪرڻ هڪ سنگين مسئلو آهي، جيڪو ڪنهن ساٿي ملازم، آفيسر يا اداري سان لاڳاپيل ڪنهن به شخص طرفان ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته عورتن کي ڪم واري هنڌ محفوظ، باوقار ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قانوني حقن ۽ شڪايت جي طريقيڪار بابت آگاهي انتهائي ضروري آهي هن چيو ته ضلعي بدين ۾ مختلف آگاهي پروگرام منعقد ڪري ماڻهن، خاص طور تي عورتن کي سندن قانوني حقن بابت وڌ کان وڌ آگاهي ڏني پئي وڃي سليم رضا بلوچ چيو ته هراسان ڪرڻ جا مختلف روپ ٿي سگهن ٿا، جن ۾ جنسي نوعيت جو رويو، نازيبا يا توهين آميز لفظ، اڻ وڻندڙ پيغام، لکيل يا اليڪٽرانڪ پيغام، نامناسب اشارا، ڌمڪيون يا اهڙو ڪو به رويو شامل آهي، جيڪو ڪم واري هنڌ ڪنهن شخص جي عزت، وقار يا تحفظ کي متاثر ڪري يا ڪا عورت پنهنجي اداري ۾ بهترين ڪم ڪري ٿي پوءِ به ان کي ايپريشيٽ نه ڪرڻ به ھ جي زمري ۾ اچي ٿو هن چيو ته اهڙي رويي کي برداشت ڪرڻ بدران متاثر شخص کي پنهنجا قانوني حق استعمال ڪندي شڪايت داخل ڪرائڻ گهرجي هن چيو ته سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن لاءِ ضروري آهي ته قانون تحت پنهنجي اداري ۾ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪن. شڪايت وصول ٿيڻ بعد الزام هيٺ آيل شخص کي قانون موجب نوٽيس جاري ڪيو ويندو ۽ کيس پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو. هن واضح ڪيو ته الزام هيٺ آيل شخص طرفان جواب نه ڏيڻ جي صورت ۾ به قانون موجب ڪارروائي جاري رکي سگهجي ٿي ۽ انڪوائري ڪميٽي پنهنجي رپورٽ لاڳاپيل سربراهه ڏانهن اماڻيندي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙن ڪيسن جي ڪارروائي رازداري سان ڪئي ويندي ته جيئن شڪايت ڪندڙ کي سماجي يا اداري واري دٻاءَ کي منهن نه ڏيڻو پوي ضلعي صلاحڪار آفيسر ٻڌايو ته ڏوهه ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ قانون تحت معافي، وارننگ، انڪريمنٽ روڪڻ، ترقي يا ٽائيم اسڪيل مقرر مدي تائين روڪڻ ۽ متاثر شخص کي معاوضو ڏيڻ سميت مختلف سزائون ڏئي سگهجن ٿيون، جڏهن ته سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ عهدي ۾ گهٽتائي، جبري رٽائرمينٽ ۽ ملازمت مان برطرفي جهڙيون سخت سزائون پڻ لاڳو ٿي سگهن ٿيون هن عورتن تي زور ڏنو ته هو هراسان ڪرڻ جي ڪنهن به واقعي تي خاموش نه رهن ۽ قانوني طريقيڪار تحت شڪايت داخل ڪرائن. هن چيو ته خاموشي سان اهڙي عمل جي حوصلا افزائي ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري عورتن کي پنهنجي حقن کان آگاهه ٿيڻ سان گڏ انهن حقن جي استعمال لاءِ به اڳتي اچڻ گهرجي هن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ قانون تحت انڪوائري ڪميٽي قائم نه ڪئي وئي هجي ته ان بابت لاڳاپيل فورم تي شڪايت داخل ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته قانون جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ڏنڊ پڻ لاڳو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته شڪايت ڪندڙن کي قانوني مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي ليڊي وڪيلن جي سهولت پڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته آن لائن شڪايت داخل ڪرڻ لاءِ به سهولت ۽ طريقيڪار موجود آهي ضلعي صلاحڪار سليم رضا بلوچ خبردار ڪيو ته ڪوڙي شڪايت داخل ڪرڻ جي صورت ۾ قانون موجب شڪايت ڪندڙ خلاف پڻ ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته قانون جو بنيادي مقصد رڳو سزا ڏيڻ نه، پر ڪم واري هنڌ تي محفوظ، باوقار ۽ هراسان ڪرڻ کان پاڪ ماحول کي يقيني بڻائڻ آهي هن وڌيڪ چيو ته پوليس کي گهرجي ته جتي به نياڻين جا تعليمي ادارا آهن انهن جي ٻاهران اوباش نوجوانن کي بيهڻ نه ڏي سيمينار ۾ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر سرفراز سمون، پرنسپل پيپلز اسڪول مھوش سومرو، ايڊووڪيٽ عمير رضا بلوچ، ذيشان چنا، اياز ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
بدين ۾ ڪم واري هنڌ عورتن کي هراسان ٿيڻ کان تحفظ بابت آگاهي سيمينار، قانوني حقن بابت آگاهي ڏني وئي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
