ٽنڊوڄام(محبوب حسين بوزدار)يونين ڪميٽي نمبر 66 جي چيئرمين نعيم الرحمان ميمڻ، سيد بچل شاهه ڪاظمي ۽ سيد خادم شاهه جي خاص ڪوششن ۽ محنتن سان حسيني امام بارگاهه ٽنڊوجام جي معاملي تي اختر حسين خاصخيلي صاحب، عطا حسين خاصخيلي ۽ ٻين لاڳاپيل فردن جي وچ ۾ جاري اختلافن کي ختم ڪندي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ پاڻ ۾ سمجهوتو ۽ صلح ڪرائي وئي.ان موقع تي ٻنهي ڌرين معاملن کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ تي پاڻ جي رضامندي سان اتفاق ڪيو، ته جيئن علائقي ۾ امن امان، ڀائي چارو ۽ پاڻ ۾ هم آهنگي جو ماحول برقرار رکي سگهجي.ان موقع تي يونين ڪميٽي نمبر 66 جي چيئرمين نعيم الرحمان ميمڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ٽنڊوجام هڪ پرامن شهر آهي جتي محبت، ڀائي چاري ۽ پاڻ ۾ احترام جون روايتون موجود آهن. اختلاف هر سماج ۾ پيدا ٿيندا رهندا آهن، پر دانشمندي جي گهرج اها آهي ته اهڙن معاملن کي پاڻ ۾ ڳالهين، سمجهوتي ۽ رضامندي ذريعي حل ڪيو وڃي.هنن وڌيڪ چيو ته پاڻ جي وچ ۾ اختلافن کي ڊگهو ڪرڻ سان سماج جي فضا خراب ٿئي ٿي، ان ڪري سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته شهر جي پرامن روايتن کي برقرار رکي سگهجي. هن صلح ڪرائڻ واري عمل۾حصو وٺندڙ سڀني فردن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته اهو مثال باقي معاملن لاءِ به رهنمائي ثابت ٿيندو
حسيني امام بارگاهه جي معاملي تي ٻنهي ڌرين وچ ۾ اختلاف ختم، پاڻ ۾ سمجهوتي سان صلح ڪرائي وئي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
