جماعت اسلامي سٽي ڪائونسل ۾ ميئر ڪراچي جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.
سٽي ڪائونسل ۾ اپوزيشن ليڊر ايڊووڪيٽ سيف الدين جي ترجمان موجب، عدم اعتماد جي تحريڪ لاءِ ڪائونسل جي ميمبرز جي صحيحون وٺڻ شروع ٿي ويون آهن ۽ پهرين مرحلي ۾ 29 عورت ميمبرز صحيحون ڪري چڪيون آهن.
ترجمان ٻڌايو آهي ته جماعت اسلامي وٽ 127 ميمبرز آهن جڏهن ته ٻين پارٽين سان به رابطا جاري آهن.
ترجمان جو چوڻ آهي ته لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تحت عدم اعتماد جي تحريڪ لاءِ ميمبرز جي مقرر تعداد ناهي، ۽ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ مطابق مرتضيٰ وهاب نئين چونڊ ۾ حصو نه وٺي سگهندا.
ياد رهي ته بلديه عظيميٰ ڪراچي ۾ مخصوص سيٽن سان گڏ ڪائونسل جا ميمبرز 367 آهن، ۽ ميئر ڪراچي جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ کي ڪامياب ٿيڻ لاءِ 185 ووٽ گهربل آهن.
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي تحريڪ انصاف جا 32 ڌرين ميمبرز پڻ سپورٽ ڏئي رهيا آهن.
