سانگهڙ(رپورٽ غلام رسول ناريجو) سانگهڙ پريس ڪلب آڏو پي ايف يو جي طرفان اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ سانگهڙ يونين آف جرنلسٽس، پريس ڪلب سانگهڙ ۽ صحافي اتحاد پاران ڄامشورو جي صحافين خلاف مبينا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گرفتارين خلاف احتجاجي مظاهرو . صحافي. جي وڏي انگ ۽ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن سميت سول سوسائٽي جي شرڪت واقعي جي جوڊيشل انڪوائري جو مطالبو رپوٽ موجب پي ايف يو جي پاڪستان جي سڏ تي ڄامشورو جي صحافين خلاف داخل ڪيل مبينا ڪوڙن ڪيسن ۽ باريجو ڀائرن جي گرفتاري خلاف سانگهڙ پريس ڪلب آڏو صحافين ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي مظاھري ۾ سانگهڙ يونين آف جرنلسٽس جي صدر اميربخش بڙدي، صحافي اتحاد جي صدر انجم آفتاب نظاماڻي ،پرس ڪلب سانگهڙ جو سيڪريٽري امين شاھ،جبار جوڻيجو، مبين درس،خدا ڏنو ڪاڇائي، عبدلغفار مظاماڻي ، رضا خان پٺاڻ ، صغير راجپوت، عادل مغل، راڻا ثقلين،نادر بڙدي، مرتضي منگي، غلام رسول ناريجو، ناز چاڪراڻي، سليم ڏاهري، عاطف آرائين، سهيل صديقي، حسين بليدي، سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري حبيب لغاري ، سوسائٽيءَ جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته صحافت معاشري جو اهم ٿنڀو ۽ عوام جو آواز آهي، صحافين جو ڪم سماجي براين، ناانصافين ۽ عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ آهي، پر افسوس ته صحافين کي پنهنجي پيشوراڻين ذميوارين جي ادائيگيءَ دوران دٻاءَ ۽ مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ھنن چيو ته ڄامشورو جي صحافين، خاص طور باريجو ڀائرن خلاف داخل ڪيل مبينا ڪوڙا ڪيس ۽ گرفتاريون صحافتي آزاديءَ لاءِ ڳڻتيءَ جوڳيون آهن. صحافين کي حراسان ڪرڻ يا ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سان سچ جو آواز دٻائي نٿو سگهجي. اظهار جي آزادي ۽ صحافين جو تحفظ جمهوري معاشري جو بنيادي حق آهي.اڳواڻن مطالبو ڪيو ته باريجو ڀائرن کي فوري طور آزاد ڪري سندن خلاف داخل ڪيل مبينا ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، جڏهن ته سڄي واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، جيئن حقيقتون سامهون اچي سگھن هنن چيو ته صحافين کي تحفظ فراهم ڪري صحافت جي آزاديءَ کي يقيني بڻايو وڃي.
صحافين کي حراسان ڪرڻ يا ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سان سچ جو آواز دٻائي نٿو سگهجي،اميربخش بڙدي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
