سڪھر(رپورٽ عادل خان) ٽرانسفارمرن تي نون ميٽرن جي لڳائڻ جو ڪم جاري، ايس ڊي او شجاع گھمرو جي نگراني ۾ ٽيم سرگرمسب ڊويزن ون: بجلي جي نظام کي وڌيڪ بهتر ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ٽرانسفارمرن تي اڳ ۾ لڳل ڊوائيس ميٽرن کي تبديل ڪري نوان ميٽر لڳائڻ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي.ان سلسلي ۾ ايس ڊي او شجاع گھمرو جي اڳواڻي ۾ بجلي کاتي جو عملو فيلڊ ۾ سرگرم آهي، جتي مختلف ٽرانسفارمرن تي پراڻن ڊوائيس ميٽرن جي جاءِ تي نوان ميٽر لڳايا پيا وڃن.ايس ڊي او شجاع گھمرو پنهنجي ٽيم سان گڏ جاري ڪم جي نگراني ڪري رهيو آهي، ته جيئن ميٽرن جي تبديلي ۽ تنصيب جو عمل مقرر وقت اندر مڪمل ٿي سگهي.هن قدم جو مقصد بجلي جي فراهمي واري نظام کي بهتر بڻائڻ، ممڪن فني خرابين کان بچاءُ ۽ صارفين کي پيش ايندڙ مسئلن کي گهٽائڻ آهي.ايس ڊي او شجاع گھمرو ۽ سندس ٽيم پاران فيلڊ ۾ جاري سرگرمين جو مقصد صارفين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ بجلي جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ آهي.
ٽرانسفارمرن تي نون ميٽرن جي لڳائڻ جو ڪم جاري، ايس ڊي او شجاع گھمرو جي نگراني ۾ ٽيم سرگرم
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
