اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي وفد سميت ايران جي دوري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جتي هو شهيد ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪندا.
سرڪاري ذريعن موجب وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ ايران ويندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني وفد ايران جي اعليٰ قيادت سان تعزيت ڪندو ۽ شهيد سپريم ليڊر کي خراج عقيدت پيش ڪندو.
ايراني ميڊيا موجب شهيد آيت الله علي خامنه اي جي الوداعي تقريبون 4 ۽ 5 جولاءِ تي منعقد ڪيون وينديون.
رپورٽن موجب 6 جولاءِ تي تهران ۾ شهيد آيت الله علي خامنه اي جي جنازي نماز ادا ڪئي ويندي، جڏهن ته 7 جولاءِ تي قم شهر ۾ پڻ جنازي نماز ادا ڪئي ويندي.
ايراني ميڊيا موجب شهيد آيت الله علي خامنه اي جي تدفين 9 جولاءِ تي مشهد ۾ روضه امام رضا (ع) ۾ ڪئي ويندي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ويجها سفارتي ۽ مذهبي لاڳاپا موجود آهن، ۽ پاڪستاني قيادت اهم موقعن تي ايران سان يڪجهتي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي رهي آهي.
