برطانيا ۾ صدين کان سڀ کان وڌيڪ مقبول خانداني نالو رهندڙ ”سمٿ“ جي مقبوليت گهٽجڻ لڳي آهي، جڏهن ته ڏکڻ ايشيا سان واسطو رکندڙ خانداني نالو ”خان“ تيزيءَ سان مقبول ٿي رهيو آهي. هڪ نئين تجزيي موجب، ايندڙ سالن ۾ ”خان“ پهرين نمبر تي اچي سگهي ٿو.
تازن انگن اکرن موجب، 2025ع ۾ انگلينڊ ۽ ويلز ۾ ڄاول 4,102 ٻارن جو خانداني نالو ”سمٿ“، جڏهن ته 3,772 ٻارن جو خانداني نالو ”خان“ رڪارڊ ڪيو ويو. رپورٽ موجب، ”سمٿ“ نالي جي انگ ۾ هر سال لڳ ڀڳ 4 سيڪڙو گهٽتائي اچي رهي آهي، جڏهن ته ”خان“ نالي ۾ هر سال 1.9 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اها تبديلي رڳو خانداني نالن تائين محدود ناهي، پر ٻارن جي ذاتي نالن ۾ پڻ اهم لاڙا سامهون آيا آهن. ”محمد“ برطانيا، خاص طور لنڊن سميت ڪيترن ئي علائقن ۾، نون ڄاول ٻارن جي مقبول ترين نالن ۾ شامل آهي. يورپ جي ٻين ملڪن ۾ پڻ هن نالي جي مقبوليت لڳاتار وڌي رهي آهي.
ناروي جي سرڪاري نشرياتي اداري اين آر ڪي 2014ع ۾ رپورٽ ڏني هئي ته ”محمد“ اوسلو شهر ۾ پڻ سڀ کان وڌيڪ رکيو ويندڙ نالو بڻجي ويو هو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته خانداني ۽ ذاتي نالن ۾ ايندڙ تبديليون برطانيا ۾ نسلي ۽ ثقافتي گهڻ رخي، لڏپلاڻ ۽ مختلف برادرين جي وڌندڙ موجودگيءَ جي عڪاسي ڪن ٿيون.
